Book Name:Seerat e Usman e Ghani

سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي پاڪيزه سيرت کي اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت،شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

ان کی سُنَّت کا جو آئنہ دار ہے                               بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مسواڪ جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رِسالي "163 مَدَني گل" مان مِسواڪ بابت مدني گل ٻڌون ٿا۔ پهرين ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: ٭ ٻه رڪعتون مسواڪ (يعني ڏندڻ) ڪري پڙهڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهن. (الترغيب والترهيب ج 1 ص 102 حديث 18) ٭ مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو ڇو ته هي وات جي صفائي ۽ ربّ تعاليٰ جي رضا جو سبب آهي. (مسند امام



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵