Book Name:Seerat e Usman e Ghani

تَعَالٰی عَنْه جي سمورن لقبن مان ”ذُوالنُّورَين“ (يعني ٻن نور وارو) گھڻو مَشهور آهي۔ هن لَقب جو سبَب هي آهي ته حضور پر نُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ٻه شَهزاديون حضرت سَيدَتُنا رُقَيه ۽ حضرت سَيدَتُنا اُمِّ ڪلثُوم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما هڪ کان پوءِ ٻي سندن نڪاح ۾ آيون۔ انهي ڪري سندن کي’’ذُوالنُّورَين‘‘ ( يعني ٻن نورن وارا) چيو ويندو آهي۔ (تھذيب الاسماء، باب العين و الثاء المثلة،۱/۲۹۷) انهيء طرف اِشارو ڪندي سيدي اَعليٰ حضرت رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه فرمائن ٿا۔

 

نُور کی سرکار سے پایا دوشالہ نُور کا                         ہو مُبارَک تم کو ذُوالنُّوْرَیْن جوڑا نُور کا

 

پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه خُلفاءِ راشِدين ۾ ٽيان خليفه آهن۔ (جنتي زيور،ص۱۸۲ملخصاً) پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه اَمِيرُ المُؤمِنِين ابوبڪرصديق رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي ڪوششن سان اسلام آندائون ۽ اسلام قبول ڪرڻ وارن ۾ سندن جو شمار چوٿين نمبر تي ٿئي ٿو، جيئن ته پاڻرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه خود اِرشاد فَرمائن ٿا: ا ِنِّيْ لَرَابِعُ اَرْبَعَةٍ فِي الْاِسْلَامِ يعني مان اِسلام قَبول ڪرڻ وارن چئن شخصن مان چوٿون آهيان۔ (معجم ڪبير،۱/۸۵، حديث:۱۲۴)(اسد الغابة،عثمان بن عفان،۳ / ۶۰۶ ملخصاً) حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي جمعي جي ڏينهن 35 هجري ذُوالحِجَّة جي مهيني ۾شهيد ڪيو ويو۔حضرت سَيدُنا جُبَيربن مُطعِم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه سندن جنازي نماز پڙھائي ۽ سندن رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي جنَّتُ