Book Name:Miraaj kay Waqiaat

سليمان عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي وزير حضرت آصَف بن برخيا رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه (جيڪي ولِيُّ اللہ  هئا) جو واقعو قرآنِ ڪريم ۾ موجود آهي ته پاڻ حضرت سيدنا سليمان عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي عرض ڪيو: مان ملڪه بلقيس جو تخت اوهان وٽ اک ڇنڀڻ کان پهريان حاضر ڪندس ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو جڏهن ته بلقيس جو تخت اسّي (80) گز ڊگهو، اسّي (80) گز بلند، سوني چاندي جو هو، جنهن ۾ انتهائي وزني ۽ قيمتي هيرا جواهرات جَڙيل هئا، جڏهن ايترو وڏو ۽ وزني تخت اک ڇنڀ کان پهريان مُلڪ يمن کان مُلڪ شام ۾ هڪ ولي جي ڪرامت سان پهچي وڃي ته خود سيدِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پنهنجي جسمِ نوراني سان (رات جي مختصر حصي ۾ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصٰي تائين ۽ اتان کان آسمانن تي) تشريف کڻي وڃڻ يقينا ً ممڪن آهي۔

 (تحفهٔ معراج النبي ،بيان تنوير السراج…الخ، ص۱۳۱ملخصاً)

ممکن ہی نہیں عقلِ دَو عَالم کی رسائی                                          ایسا دیا اللہ نے رُتبہ شبِ معراج

تفصیل سے کی سَیْر مگر اِس پہ یہ طُرّہ                                                                          اِک پل میں یہ طے ہو گیا رستہ شبِ معراج

 

مختصر وضاحت: يعني اللہ  پاڪ معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج واري رات اهو بلند رتبو عطا فرمايو جو ٻنهي عالَم ۾ موجود مخلوق جي عقلن جي ان تائين رسائي ممڪن ئي ناهي۔ معراج واري رات پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي هنڌن کي تفصيل سان ملاحظه فرمايو پر ان جي باوجود ايترو ڊگھو سفر رڳو ڪجھ گھڙين ۾ طئي ٿي ويو۔

الله جي عنايت               مرحبا          معراج جي عظمت               مرحبا          اَقصيٰ جي شوڪت     مرحبا

بُراق جي قسمت            مرحبا          بُراق جي سُرعَت                 مرحبا          نبين جي اِمامت           مرحبا

آقا جي رِفعت                مرحبا          آسمان جي سِياحت               مرحبا          مڪينِ لامڪان جي عظمت                مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد