Book Name:Miraaj kay Waqiaat

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معراجِ مصطفي جي برڪتن سان وڌيڪ فيضاب ٿيڻ ۽ نيڪين تي استقامت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني سان وابسته ٿيو ۽ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم هفتيوار سُنَّتن ڀريو اِجتِماعبه آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ڪم جا بيشمار دُنيوي ۽ اُخروي فائدا آهن، ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان مسجد جي حاضري ۽ نفلي اعتڪاف جي سعادت حاصل ٿيندي آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان مسلمانن سان ملاقات ۽ سلام جي سُنَّت عام ٿيندي آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان علمِ دِين سان مالامال قِيمتي مدني گل اُمّت ِ مسلمه تائين پهچايا ويندا آهن۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريو اِجتِماع  بي نمازين کي نمازي بڻائڻ ۾گھڻو معاون ٿيندو آهن۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ گھريون ويندڙ دُعائون قبول ٿينديون آهن۔ ٭ دِيني ۽ تنظيمي معلومات ۾ اِضافو ٿيندو آهي۔ ٭ نگران ۽ ماتحت سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيندو آهي۔ ٭ اِنفرادي ڪوشش جو موقعو ملندو آهي، ان جي علاوه صحابَه ڪرام ۽ اولياءِ ڪرام جي سيرتِ مبارڪه تي به بيان ٿيندا آهن۔ ۽ جيڪي خوش نصيب عاشقان رسول هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ شرڪت ڪن ٿا امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي ائين دعائن سان نوازيندا رهندا آهن۔

جو پابند ہے اجتماعات کا بھی      میں دیتا ہوں اس کو دعائے مدینہ

اچو! تَرغِيب طور هفتيوار اِجتِماع ۾ حاضِري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ اِجتِماع ۾ پابندي سان حاضِر ٿيڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن