Book Name:Miraaj kay Waqiaat

امامُ الانبياء توهان آهيو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سفرِ معراج جو هڪ پهلو اهو به آهي ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن رات سڀني انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي امامت فرمائي ۽ انهن کي پنهنجو مُقتدي بڻجڻ جو شرف عطا فرمايو، جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: مان ان (بُراق) تي سُواري ڪندي بَيتُ المَقدَس تائين پهتس ۽ جنهن جاءِ تي اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام پنهنجي سُوارين کي ٻڌندا هئا مون ان کي اتي ٻڌي ڇڏيو پوءِ مان مسجدِ (اَقصٰي) ۾ داخِل ٿيس ۽ ان ۾ ٻه رڪعت نماز ادا ڪئي۔ (مسلم ،کتاب الایمان ، باب الاسراء برسول اللہ …الخ ،ص۹۷،حدیث۲۵۹)

ولي ڪامِل حضرت عَلّامه مَولانا مَخدوم محمد هاشِم ٺٺوي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: هن نماز ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام جا اِمام هئا۔ (سیرۃ سید الانبیاء،ص۱۲۸) (ڇوته) پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عظيم شان جي اِظهار جي لاءِ بَيتُ المَقدِس ۾ تمام اَنبياءِ ڪرَام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي گڏ ڪيو ويو هو۔ (سنن النسائى، كتاب الصلاة، باب فرض الصلاة...الخ، ص۸۱، حديث:۴۴۸)

 

اقصیٰ میں سُواری جب پہنچی جِبْریل نے بڑھ کے کہی تکبیر      نبیوں کی امامت اب بڑھ کر سُلطان ِ جہاں فرماتے ہیں

وہ کیسا حسیں  منظر ہو گا جب دُولہا بنا سروَر ہوگا        عُشّاق تصوُّر کر کر کے بس روتے ہی رہ جاتے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سفرِمعراج جي حڪمت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! معراج جي سفر جون ڪيئي حڪمتون آهن۔ جيئن ته هڪ حڪمت اها به بيان ڪئي وئي آهي ته زمين ۽ آسمان جو مُڪالَمو ٿيو ته زمين آسمان تي فخر ڪندي چيو: مان توکان افضل آهيان، ان ڪري جو اللہ  تعاليٰ شهرن، دريائن، نهرن، وڻن، جبلن ۽ ٻين ڪيئي شين سان مون کي زِينت عطا ڪئي آهي۔ آسمان جواب ڏنو : مان توکان بهتر آهيان، ان ڪري جو