Book Name:Miraaj kay Waqiaat

به سعادت حاصل ڪندا، 27 رجب جي روزي جي تمام وڏي فضليت آهي :"جيڪو خوش نصيب27 رجب جو روزو رکندو آهي ،اُن کي 60 مهينن جي روزن جو ثواب ملندو آهي۔ (ڪفن جي واپسي،ص8)

سوسال جي روزن جو ثواب

رحمت عالم، شاھ آدم ۽ بني آدم، رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ ذِيشان آهي: رجب ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات آهي جيڪو ان ڏينهن روزو رکي ۽ رات جو قيام (عبادت) ڪري ته ڄڻ ان سؤ سال جا روزا رکيا ۽ سؤ سال جي شب بيداري ڪئي، ۽ اها رجب جي 27 تاريخ آهي. (شُعَبُ الْاِيمَان ج۳ص۳۷۴حديث ۳۸۱۱ (

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵) 

سُنّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                  نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت،اميراهلسُنَّتدَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’101 مَدَني گل‘‘مان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌو:

٭ مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيو ٭ مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو