Book Name:Miraaj kay Waqiaat

ڪري اُمّت کي روزن جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ هن مهيني ۾ پاڻ به ڪثرت سان روزا رکيائون۔ اچو! شَعبانُ المُعَظم جي روزن جي فضيلت تي مشتمل ٽي (3) حديث سڳوريون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا:

شعبان جي روزن جي فضيلت

1        نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان سوال ڪيو ويو ته رمضان کان بعد ڪهڙو روزو افضل آهي؟ ارشاد فرمايائون: رمضان جي تعظيم جي لاءِ شَعبان جو روزو رکڻ۔ (شعب الايمان،باب الصيام،صوم شعبان، ۳ /۳۷۷، حديث:۳۸۱۹)

2        اُمّ المُؤمنِين حضرتِ سَيّدَتُنا عائشه صِديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها فرمائن ٿيون: تاجدار رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پوري شَعبان جا روزا رکندا هئا، ته مون عرض ڪيو: يارسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا سڀني مهينن ۾ توهان وٽ وڌيڪ پسنديده شَعبان المعظم جا روزا رکڻ آهي؟ ارشاد فرمايائون: ها، اللہ  عَزَّوَجَلَّ هن سال مرڻ واري هر جان(ساهه) کي لکي ڇڏيندو آهي ۽ مون کي هي پسند آهي ته منهنجو آخري وقت اچي ۽ مان روزيدار هجان.“

                                                           (مسندابي يعلي،۴/۲۷۷،حديث:۴۸۹۰)

3        نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايائون: رجَب ۽ رَمَضان جي وچ ۾ هي مهينو آهي، ماڻهو هن کان غافِل آهن۔ هن ۾ ماڻهن جا عمل اللہ  ڏانهن کنيا ويندا آهن، ۽ مون کي اهو پسند آهي ته منهنجو عمل هن حال ۾ کنيو وڃي جو مان روزيدار هجان۔ (شعب الايمان،باب في الصيام،صوم شعبان، ۳/۳۷۷، حديث: ۳۸۲۰)

سُبْحٰنَ الله! ٻڌو اوهان! اسان جا بخشيل آقا، اسان گُناهگارن کي بخشرائڻ واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عبادت جو عالم هي هو جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن مقدس مهيني ۾ ٻين مهينن جي مقابلي ۾ نفلي عبادت جو تمام گھڻو اهتمام ڪندا هئا، هڪ اسان آهيون جو اسان جي زندگي ۾ خبر ناهي ڪيترا ڀيرا شَعبانُ المعظم جو مُبارَڪ مهينو آيو ۽ بخشش ۽ مغفرت جا