Book Name:Miraaj kay Waqiaat

پروانا تقسيم ڪندي رخصت ٿي ويو پر اسان هن مبارڪ مهيني ۾ پنهنجي گناهن کان توبهه ڪرڻ، آئنده گناهن کان بچڻ جو پڪو ارادو ڪرڻ، فرض نمازن جو اهتمام ڪرڻ، صدقو ۽ خيرات ڪرڻ، تلاوتِ قرآن ڪريم، ذڪر و درود، روزن ۽ ٻين نفلي عبادت جي ڪثرت ڪرڻ ۽ پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين. اللہ  عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ، دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ نجات ماڻڻ جي لاءِ اسان کي خوب خوب عبادت ڪرڻ گھرجي، رجب ۽ شعبان جي مهينن جي نفل روزن جو اهتمام به ڪرڻ گھرجي، شعبان المعظم جي سڄي مهيني ۽ بالخصوص 15 شعبان(شبِ براءت) جو عبادت ۽ استغفار جي خوب ڪثرت ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ اللہ  عَزَّوَجَلَّ کان پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ دعائون به گھرندو رهڻ کپي۔

 

کرنا تم عطارؔ کے حق میں دعائے مغفرت

اِس جہاں میں عافیت ہو اُس جہاں میں عافیت

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

لنگرِ رضويه ۾ حصو وٺو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ هر سال هزارين عاشقانِ رسول سڄي رمضان ۽ آخري عشري جي اِعتڪاف جي سعادت حاصل ڪندا آهن، ان عاشقانِ رسول جي لاءِ "لنگرِ رضويه" (سحري ۽ افطاري) جو نهايت وڏو اِنتظام ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهي عاشقانِ رسول دِلجمعي سان علمِ دين جي مدني حلقن ۽ مدني مذاڪرن ۾ ڀرپور توجه سان شرڪت ڪري سگھن۔ لنگرِ رَضَويه جي مد ۾ ڪروڙين روپين جا اخراجات ٿيندا آهن هن نيڪ ڪم ۾ کوڙ عاشقان رسول پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن، هن سال به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ملڪ وبيرونِ ملڪ سوين هنڌن تي سڄي مهيني ۽ آخري عشري جو اعتڪاف ٿيندو، جنهن ۾