Book Name:Miraaj kay Waqiaat

ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ابنِ سڪينه جي هڪ مُريد جو واقعو

شيخ شهابُ الدّين سُهروردي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه هڪ حڪايت نقل ڪندي فرمائن ٿا ته شيخ ابنِ سڪينه رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جو هڪ سونارو (Goldsmith) مُريد هو، ان جو ڪم هي هو ته هو صوفياءِ ڪرام رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين جا مُصَلا جامع مسجد کڻي ويندو ۽ انهن کي وڇائيندو هو، جڏهن نمازِ جمعه ٿي ويندي هئي ته ان مُصَلّن کي هو خانقاھ ۾ کڻي ايندو هو۔ هڪ جمعي تي ائين ٿيو ته انهن مُصَلَّن کي جامع مسجد آڻڻ جي لاءِ گڏ ڪري ٻڌي ڇڏيو ۽ (بغداد شريف ۾ واقع) درياءِ دجله ۾ جمعي جي غُسُل لاءِ هليو ويو، ڪپڙا لاهي ڪناري تي رکي ڇڏيا ۽ پاڻي ۾ غوطو لڳايو جڏهن مٿو مٿي کنيو ته ان پنهنجو پاڻ کي درياءِ دجله ۾ نه بلڪه ٻئي جاءِ تي ڏٺو، ماڻهن کان ان هنڌ جي باري ۾ پڇيو ته ٻڌايو ويو ته هي مصر آهي، ان کي هن (واقعي) مان گھڻو تعجب ٿيو ۽ هو پاڻي مان نڪري شهر ۾ آيو، هڪ سوناري جي دڪان وٽ بيهي رهيو ۽ ان جي جسم تي صرف هڪ ڪپڙو هو جيڪو اوگھڙ ڍڪڻ لاءِ ڪافي هو، دڪاندار کي محسوس ٿيو ته هي ماڻهو سونارو آهي تنهنڪري ان ڳالهين ڳالهين ۾ پتو لڳائي ورتو ته هي شخص ته هن فَن ۾ گھڻو ئي ماهر آهي، دڪاندار ان جي عزت ۽ تڪريم ڪئي ۽ پنهنجي گھر وٺي آيو، پنهنجي ڌيءَ سان ان جو نڪاح ڪري ڇڏيو، پوءِ ستن (7) سالن ۾ ان جا ٽي (3) ٻار ٿيا۔ اتفاق سان هڪ ڏينهن اهو مُريد انهيءَ پاڻيءَ وٽان گذريو ته وهنجڻ جي لاءِ ان پاڻي ۾ غوطو لڳايو، جڏهن