Book Name:Miraaj kay Waqiaat

اجتماع جي برڪت سان نيڪ بڻجي ويو

مَرڪزُ الاَولِيا (لاهور) جو هڪ اِسلامي ڀاء گُناهن جي وادِين ۾ گم هو ان جي اسڪول جي زماني ۾ هڪ اِسلامي ڀاء اَڪثَر ان جي وڏي ڀاء سان ملڻ ايندو هو هڪ ڏينهن اُنهن دعوتِ اِسلامي جي هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي دَعوت پيش ڪئي۔ هي ان جي دَعوَت تي سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ وڃي پهتو، ان کي اهو گھڻو وڻيو، پوءِ ان پابندي سان وڃڻ شُرُوع ڪيو۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان ان نمازن جي پابندي شُروع ڪئي۔ عِمامو شريف به سَجائي ورتو، جنهن سبب گھر جي ڪجهه ڀاتين سَختي سان مُخالفَت ڪئي پر مَدَني ماحول جي ڪشِش ۽ عاشِقانِ رَسُول جو حُسنِ سُلُوڪ انهن کي دعوتِ اِسلامي سان ويتر ويجھو ڪندو ويو مڪتبةُ المدينه تان جاري ٿيندڙ سُنَّتن ڀري بَيانن جون ڪيسٽون ٻڌڻ سان تسلي ملي ۽ حَوصَلو وڌندو ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ   آهستي آهستي انهن جي گھر ۾ به مَدَني ماحول بڻجي ويو۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر      گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ       گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ      تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

 

آسمان ڏانهن عُرُوج

سفرِ معراج ۾ بَيتُ المَقدس جي مُعَامَلات کان فارِغ ٿيڻ کان پوءِ پياري پياري آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آسمان ڏانهن سفر شروع فرمايو ۽ هر بلندي کي پوئتي ڇڏيندي تيزي سان آسمان ڏانهن اڳتي وڌندا هليا ويا، هڪ ئي لحظي ۾ پهريون آسمان اچي ويو۔

حديثِ پاڪ ۾ آهي ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي هڪ دروازي تي آيا جنهن کي بَابُ الْحَفَظَه چيو ويندو آهي، ان تي اسماعيل نالي هڪ ملائڪ مُقَرَّر آهي۔ (عمدة القارى، كتاب مناقب الانصار، باب المعراج،۱۱/۶۰۳، تحت الحديث:۳۸۸۷) حضرتِ جبرائيل