Book Name:Miraaj kay Waqiaat

ڪتاب فيضانِ معراج جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضورِ اڪرم ،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معراج جي ايمان افروز واقعن بابت وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ ۽ ان مان حاصل ٿيڻ واري عظمتِ مُصطَفٰي جا مدني گل چونڊڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب فيضانِ معراج جو مطالعو ڪرڻ بيحد مفيد آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ ٭ معراج جي ترتيب وار مرحلن جو تفصيل ٭ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصي تائين جي سفر جا مشاهدا ٭ آسماني سفر جي دوران جنّت ۽ دوزخ جا مشاهدا ٭ انبياءِ ڪرام سان ملاقات بابت تفصيل ٭ کوڙ سارا متفرق مدني گل ۽ ٭ معراج شريف جي باري ۾ ڪجھ نعتيه ڪلام وغيره نهايت عُمده ۽ آسان انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن۔ لهٰذا اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان هديةً حاصل ڪريو ۽ ان جو مطالعو به ڪريو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن رِسالي کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مهينو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رجب المرجب جو مبارڪ مهينو پنهنجون برڪتون لٽائي موڪلائي رهيو آهي،پوءِ جلد ئي شعبانُ المعظّم جو مهينو جلوه گر ٿيندو۔ رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن مبارڪ مهيني کي پنهنجي طرف منسوب ڪندي هي به ارشاد فرمايو: شَعْبَانُ شَھْرِیْ وَرَمَضَانُ شَھْرُ اللہ يعني شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان الله عَزَّوَجَلَّ جو مهينو آهي. (جامع صغیر،حرف الشین،ص۳۰۱،حدیث: ۴۸۸۹)

نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ شعبانُ المعظّم جي نفل روزن کي رمضانُ المبارڪ جي فرض روزن کان بعد سڀ کان افضل قرار ڏنو، جيئن ته هن مهيني ۾ تمام ٻانهن جا عمل اللہ  ڪريم جي بارگاھ ۾ پهچايا ويندا آهن، ان