Book Name:Miraaj kay Waqiaat

درگذر ڪرڻ وارا ۽ بخشش عطا ڪرڻ وارا آهيو، تنهنڪري اسان جي جُرمن ۽ خطائن کي به بخشي ڇڏيو۔ اللہ  پاڪ اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪروڙين دُرُود ۽ سلام نازل فرمائي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

رجب جي دُعا:

رَجَب ۾ هي دُعا پڙھڻ سُنّت آهي! جڏهن رَجب جو مهينو ايندو هو ته نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي دُعا پڙھندا هئا:

اَللّٰھُمَّ بَارِک لَنَا فِي رَجَبٍ وَّشَعبَانَ وَبَلِّغنَارَمَضَان

 يعني اي الله عَزَّوَجَلَّ! اسان لاءِ رَجب ۽ شعبان ۾ بَرَڪتون عطا فرماءِ ۽ اسان کي رَمَضان تائين پهچاءِ۔ (اَلمُعجَمُ الاَ وسَط لِلطّبَراني ج3ص85حديث 3939)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭