Book Name:Miraaj kay Waqiaat

هزارين عاشقانِ رمضان، رمضان جي مبارڪ ساعتن جون برڪتون حاصل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا۔ تمام عاشقانِ رسول رضاءِ اِلٰهي ۽ ٻين سٺين سٺين نيتن سان "لنگرِ رضويه" جي مد ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي نيت ڪريو۔

مَجلسِ عُشر و اَطراف گاؤں

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ ڪم و پيش 104شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصروف آهي۔ انهيءَ مان هڪ ”مجلسِ عُشْر و اَطراف گاؤں“ به آهي۔ اها مجلس راھ خدا ۾ خَرچ ڪرڻ جا فضائل بيان ڪري دعوتِ اسلامي کي عُشر ڏيڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندي آهي۔ هن شعبي جا ذِمه دار، عُشر جي وصولي جي لاءِ وقت بوقت هارين، زميندارن، باغن جي مالڪن وغيره سان اِنفرادي ڪوشش جي ذريعي رابطو ڪندا رهندا آهن، "هاري اجتماعات" جو به اِنعقاد ڪيو ويندو آهي، رِسالو "عُشر جا احڪام" تقسيم ڪري عُشر ڏيڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي۔ خاص ڪري زميندارن کي گھرجي ته عشر جي باري ۾ معلومات جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 48 صفحن تي مشتمل رسالي "عُشر جا اَحڪام" ۽ "چندو ڪرڻ جا شرعي اِحتياط" جو لازمي مُطالَعو ڪن. شريعت جي مُطابق پنهنجي فصل جي زڪوٰة ڪڍڻ جي باري ۾ دارُ الافتاء اهلسنت کان ضرور رهنمائي حاصل ڪن۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مجلسِ عُشر و اَطراف گاوں جو مدني ڪم تيزي سان ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي، هينئر تائين هزارين ڳوٺن ۾ مدني ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ انهن ۾ سوين ذميداران مقرر به ٿي چڪا آهن۔ عُشر جي وصولي سان گڏوگڏ خاص ڪري 12مدني ڪمن جي مضبوطي جي لاءِ وقت بوقت ذِميداران جا سُنّتن ڀري اجتماعن ۽ مدني مشورن جو سلسلو به ٿيندو رهندو آهي، وڏين راتين مثال طور (اجتماعِ مِيلاد، اجتماعِ غوثيه، اِجتماعِ معراج،