Book Name:Miraaj kay Waqiaat

قرآنِ ڪريم ۾  معراج جي سفر جو  ذڪر

سفرِ معراج جو هڪ نهايت زبردست پهلو هي به آهي ته ربِّ ڪريم هن مقدس سفر جو تذڪرو نه صرف قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيو بلڪه رات جي مختصر حصي ۾ ايترو ڊگھو سفر طئي ڪرائڻ کي پاڻ ڏانهن منسوب به فرمايو، جيئن ارشاد آهي:

 

سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَیْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا

تَرْجمو ڪنزالايمان: پاڪائِي آهي اُن کي جيڪو پنهنجي ٻانهي کي راتورات وٺِي ويو، مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصى تائين، (پ۱۵،بني اسرائيل:۱)

حَضرتِ صدرُ الافاضِل مولانا سيد مُفتي محمد نعيمُ الدِّين مُراد آبادي
رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بيان ڪيل آيت سڳوري تحت لکن ٿا:”معراج شريف نبي ڪريم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ مُعجِزو ۽ اللہ  تَعَالٰي جي عظيم نعمت آهي هن مبارڪ سفر سان حُضُور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو(بارگاهه الٰهي ۾) اهو قُرب ظاهر ٿئي ٿو جو مخلوقِ الٰهي ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي علاوه ڪنهن کي به حاصل ناهي ٿيو۔ (وڌيڪ فرمائن ٿا) حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا جَلِيلُ الْقَدرصحابه ڪرامرَضِى الله تَعَالٰى عَنْهم اجمعين انهيءَ جا مڃڻ وارا آهن ته معراج شريف بيداري جي حالت ۾جسم ۽ رُوح ٻنهي سان گڏ واقع ٿيو.

(خزائن العرفان،پاره۱۵،بني اسرائيل،تحت الآيۃ:۱،ص۵۲۵ ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مِعراج واري مصطفيٰ جي سُواري

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معراج واري واقعي ۾ عظمتِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ دلچسپ پهلو اهو به آهي ته هن عظيمُ الشان سفر ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سواري جي لاءِ به انتهائي عظيمُ الشان جنّتي سواري کي