Book Name:Miraaj kay Waqiaat

پاڻي مان مٿو مٿي کنيو ته پنهنجي پاڻ کي درياءِ دجله جي ساڳي هنڌ تي ڏٺو جتي ست (7) سال پهريان ان غوطو هنيو هو ۽ پنهنجي ڪپڙن کي ڪناري تي انهيء طرح رکيل ڏٺائون جيئن ان رکيا هئا، پوءِ اهو ڪپڙن کي پائي خانقاھ ۾ آيو ته مُصَلَّن کي به انهيء حال ۾ ڏٺو، ان کي ان جي ڪنهن ساٿي چيو:جلدي ڪر ڇوته ڪجھ ماڻهو صبح سوير ئي جامع مسجد وڃي چڪا آهن، پوءِ هو مُصَلَّا کڻي جامع مسجد ويو نماز پڙھي ۽ خانقاھ واپس موٽي آيو اتان کان تعجب ۽ حيراني جي عالم ۾ گھر آيو ته گھرواريءَ پڇيو: اهي ماڻهو ڪٿي آهن جن جي لاءِ اوهان مڇي (Fish) ڀڃڻ جي لاءِ چيو هو، مڇي تيار ٿي چڪي آهي اهو مهمانن کي وٺي آيو ۽ سڀني مڇي کاڌي، پوءِ پنهنجي شيخ ابنِ سڪينه رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي خدمت ۾ حاضر ٿي سمورو واقعو بيان ڪيو ۽ مصر ۾ اولاد جو به ذڪر ڪيو، شيخ رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه پڇيو ته ڇا توهان جي دل ۾ ڪجھ وسوسو آيو هو؟ ان شخص چيو ها! مون کي معراج جي باري ۾ ڪڏهن وهم ٿيو هو ته رسولِ اڪرم،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جسماني طور تي ايتري ٿوري دير ۾ ايتري وڏي مسافت (Long Distance) ڪهڙي طرح طئي ڪئي؟ شيخ فرمايو ته هي اللہ  عَزَّوَجَلَّ جو ڪرم آهي ته ان تنهنجي شڪ ۽ شُبهي کي دُور ڪري ڇڏيو۔  (تحفهٔ معراج النبي ،بيان تنوير السراج في بيان المعراج،ص ۱۲۸،انباء الحي،مطلب نيف و عشرون… الخ، ص۸۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُبْحٰنَ الله! ٻڌو اوهان اسان جي پياري آقا،مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامن جي غلامن جا غلام به عين بيداري جي عالم ۾ منجھند جي وقت بغداد جي درياءِ دجله ۾ غوطو لڳائن ٿا ته اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي قدرت سان مصر مان وڃي نڪرندا آهن ته پوءِ حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عظمت ۽ بلنديِ شان جو ڇا عالم هوندو۔ خليفهءِ اعليٰ حضرت ملڪ العُلَماء حضرت علامه مولانا ظفرُ الدّين بهاري رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا