Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

تنگي محسوس ڪريو پوءِ سمجهي وڃو ته توهان کان ڪٿي فضول ۽ لايعني جملا نڪري ويا آهن جنهن جو اهو نتيجو آهي. (منهاج العابدين،ص57) 

     ياد رکو! هن زبان جي ذَريعي اسان جتي ذڪر۽ دُرُود، نعت ۽ بيان ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي نيڪيون ڪري جنّت جي هميشه واري نعمتن جا حقدار بڻجي سگھون ٿا اتي ان جي غلط استعمال مثال طور ڪفريه جملا، حرام جملا، ڪنهن جي غيبت ڪرڻ، چغلي هڻڻ، گار ڏيڻ وغيره جهڙن گناهن ۾ پئجي عذابِ نار ۾ گرفتار به ٿي سگھون ٿا۔ افسوس! اڄڪلھ زبان جي حفاظت جو تصوُّر تقريباً ختم ٿيندو پيو وڃي، اسان کي هن ڳالھ جو احساس ئي نه آهي ته گوشت جو اهو ننڍڙو ٽڪرو جيڪو ٻن چپن ۽ ٻن ڄاڙين جي پهري ۾ آهي، ڪهڙي طرح اسان جي سڄي وُجُود کي دُنيوي ۽ اُخروي مصيبتن ۾ مبُتلا ڪري سگھي ٿو۔ پر نتيجن (Results) کان بي پرواھ ٿي ڪري، بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڳالهيندو رهڻ اسان جي عادت بڻجي چڪي آهي، ياد رکو ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجون آوازون ريڪارڊ ڪري جڏهن ڪنهن کي موڪليندا آهيون، مثال طور واٽس ايپ (whatsapp) جي ذريعي ڪا ڳالهه ڪنهن تائين پهچائي ڇڏي، پر بعد ۾ غور ڪندا آهيون ته جيڪا ڳالهه مون چئي هئي،مون کي نه ڪرڻ گهرجي ها،يا جيڪو نه چوڻ گهرجي ها اهو به مون چئي ڇڏيو، هاڻي ڳالهه نڪري وڃڻ کان پوءِ شرم جي سبب ان کي جلدي ۾ حذف (delete) ڪري ڇڏيندا آهيون ته ان جي ٻڌڻ کان پهريان ئي حذف ٿي وڃي، ياد رکو ڀلي کڻي اها ڳالهه موبائل سان يا ڪنهن ٻئي طريقي سان حذف ته ٿي ويندي پر اسان جي عمل نامي ۾ ته لکيل رهجي ويندي. ته پوءِ اسان کي مدني سوچ بڻائڻ گهرجي ته اسان پهريان غور ڪريون ته مون کي ڳالهائڻو ڇا آهي!اچو ملي ڪري نعرو لڳايون ٿا:

پہلے تولو!!! بعد میں بولو۔۔   پہلے تولو!!! بعد میں بولو۔۔    پہلے تولو!!! بعد میں بولو