Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

ياد رکو! اسان جي زبان مان نڪتل هڪ هڪ حرف الله ڪريم جا معصوم ملائڪ لکن ٿا جيئن ته سيپارو 26 سُوْرَهٔ قٓ جي آيت نمبر 18 ۾ ارشادِ ربِّ ڪريم آهي:

مَا یَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَدَیْهِ رَقِیْبٌ عَتِیْدٌ(۱۸)

ترجمو ڪنزالايمان: اهو ڪا ڳالهه زبان مان نٿو ڪڍي مگر ان وٽ هڪ نگھبان تيار ويٺو آهي۔

توهان تي ڪجهه نگهبان آهن

      حضرت سيدُنا عطاء بن اَبي رَباح رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: توهان کان پهريان وارا ماڻهو فُضُول ڪلام ناپسند ڪندا هئا ۽ انهن وٽ قرآن ۽ سُنَّت، نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ ۽ دُنياوي زندگي جي ضرورت جي علاوه هر ڪلام فضول هو، ڇا توهان کي هن ڳالھ جو علم نه آهي ته بيشڪ توهان تي ڪجھ مُعَزّز لکڻ وارا نگهبان آهن جن مان هڪ ساڄي ويٺل آهي ۽ ٻيو کاٻي، ڪا ڳالھ اهو زبان مان ناهي ڪڍندو جو ان وٽ هڪ مُحافظ تيار نه ويٺل هجي۔ ڇا توهان مان ڪو هن ڳالھ کان حياء نٿو ڪري ته جڏهن ان جو اعمال نامو کوليو وڃي ته جنهن کي ان پنهنجي ڏينهن جي اِبتدا ئي ۾ ڀري ڇڏيو هو ته ان ۾ اڪثر اهي ڳالهيون هجن جنهن جو دين ۽ دنيا کان ڪو تعلق نه هجي۔ (احياءالعلوم،۳/۳۴۸) اچو فضول ۽ بيڪار ڳالهين کان بچڻ جي دعا ڪريون ٿا:

 میں بے کار باتوں سے بچ کے ہمیشہ                کروں تیری حمد و ثنا  یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جي زبان مان نڪتل هر هر لفظ ملائڪ لکندا آهن۔ ٿورو غور ته ڪريو اسان سڄي ڏينهن ۾ خبر ناهي ڪيتري فضول گفتگو ڪريون ٿا، خبر ناهي ڪيترن ماڻهن جي غيبت ۽ چغلي ڪندا آهيون، خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون بريون ڳالهيون پنهنجي زبان مان ڪڍون