Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

شاگردياڻين کي باعمل بنائڻ جي لاءِ ۽ انهن کي مدني انعامات تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ آهي، شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: ڪاش! ٻين فرض ۽ سُنتن جي بجا آوَري سان گڏوگڏ تمام اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون انهن مَدَني انعامات کي به پنهنجي زندگي جو دستورُ العَمَل بڻائي وٺن ۽ تمام ذمّه دارانِ دعوتِ اسلامي به پنهنجي پنهنجي حَلقي ۾ انهن (مَدَني انعامات جي رسالن) کي عام ڪن ۽ هر مسلمان پنهنجي قَبر ۽ آخِرت جي بهتري جي لاءِ انهن مَدَني اِنعامات کي اِخلاص سان اپنائي الله عَزَّ وَجَلَّ جي فضل و ڪرم سان جَنّتُ الفردوس ۾ مَدَني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙيسري بڻجڻ جو عظيم ترين انعام ماڻي۔ اچو! اسان به نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺون ۽ مدني انعامات تي نه صرف پاڻ عمل ڪريون بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن کي انهن جي ترغيب ڏيارينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان جو خُلاصو

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان فُضُول گوئي کان بچڻ ۽ زبان جو قفلِ مدينه لڳائڻ جي اهميت ۽ فائدي جي باري ۾ بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، يقيناً

٭زبان جي حفاظت ڪرڻ سان الله ڪريم جي رضا نصيب ٿيندي آهي۔

٭زبان جو قفلِ مدينه لڳائڻ جي برڪت سان سلامتي نصيب ٿيندي آهي۔

٭خاموشي سڀ کان اعليٰ عبادت آهي۔

٭خاموشي عقل مند جي زينت آهي۔

٭فُضُول گوئي کان بچڻ واري کي حڪمت ۽ دانائي عطا ڪئي ويندي آهي۔

٭گھڻو ڳالهائڻ ۽ فضول ڳالهين جي عادت هلاڪت جو سبب بڻجي ويندي آهي۔

٭فضول ۽ بيهوده ڳالهيون ربِّ ڪريم کي ناپسند آهن۔