Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

گفتگو کان بچڻ جي لاءِ لکي ڪري يا اشاري سان گفتگو ڪرڻ جو ذهن ڏنو ويو آهي۔ اسان کي به فُضول گوئي کان پيڇو ڇڏائڻ ۽ خاموشي جي عادت ٺاهڻ جي لاءِ روزانو گھٽ مان گھٽ 4 ڀيرا لکي ڪري گفتگو ڪرڻ گھرجي، جيڪڏهن ڪوشش ڪنداسين ته آهسته آهسته هر ڳالھ لکي ڪري ڪرڻ جي عادت بڻجي ويندي پر لکي ڪري گفتگو ڪرڻ وقت به هن ڳالھ جو لحاظ رکڻ بيحد ضروري آهي ته اهي ڳالهيون فُضول نه هجن ڇوته فُضُول ڳالھ لکي ڪري ڪرڻ به منع آهي۔

الله ڪريم اسان کي فضول ۽ بيهوده ڳالهين کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ پنهنجي زبان کي ذڪر ۽ درود سان تر رکڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

بچیں بے کار باتوں سے پڑھیں اے کاش کثرت سے

ترے محبوب پر ہر دَم دُرُودِ  پاک ہم مولیٰ

ہماری فالتو باتوں کی عادت دُور ہو جائے

لگائیں مُستقل قفلِ مدینہ لب پہ ہم مولیٰ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس مدني انعامات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ مسلمانن کي گناهن کا بچائڻ ۽ نيڪين جي راھ تي آڻڻ جي لاءِ مصروف عمل آهي انهيءَ مدني ڪم کي وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم وبيش 104 شعبن (Departments) ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ شعبو ”مجلس مدني انعامات“ به آهي۔ هن مجلس جو بنيادي مقصد اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن،۽ جامعاتُ المدينه و مَدارِسُ المدينه جي شاگردن ۽