Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً زبان (Tongue) الله پاڪ جي عظيم نعمتن مان هڪ نعمت آهي، جيڪو هن نعمت جو بهترين استعمال ڪري ٿو ته ان مان دُنيا ۾ به فائدو کڻي ٿو ۽ آخرت ۾ به ان جون برڪتون ڏسندو۔ پر جيڪو پنهنجي زبان کي کلي ڇوٽ ڏئي ان جي لگام ڍري ڪندو آهي ته هو دنيا ۽ آخرت ۾ ذِلَّت ۽ رُسوائي جو مُنهن ڏسندو آهي۔ اڄ اسان زبان جي حفاظت جي باري ۾ مختلف مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، اچو! سڀ کان پهريان هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌي وٺو، جيئن ته

حضرت سَيدُنا عُمر بن سليم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرتِ