Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

سَيدُنا عيسيٰ عَلَيه السَّلَام پنهنجن حوّارين (يعني پنهنجي ساٿين) وٽ هن حالت ۾ تشريف کڻي ويا جو سندن جسمِ اَنور تي اُن (پشم) جو جُبّو هو۔ اگھاڙين پيرين هئا ۽ مٿي تي به ڪو ڪپڙو وغيره نه هو، ۽ اکين مان ڳوڙها نڪري رهيا هئا، بک جي ڪري سندن رَنگ بدلجي چڪو هو ۽ اُڃ جي شِدّت سبب چَپ بلڪل سُڪي چڪا هئا۔ پاڻ عَلَيه السَّلَام پنهنجي حَوارين کي سلام ڪيائون ۽ ڪجھ نصيحتون ڪرڻ کان بعد زبان جي حفاظت جي باري ۾ مدني گل بيان ڪندي ارشاد فرمايائون: اي انسانو! توهان فُضول ڳالهائڻ کان بچندا رهو، ڪڏهن به ذِڪرُ الله جي علاوه پنهنجي زبان مان ڪو لفظ نه ڪڍو، نه ته توهان جون دليون سَخت ٿي وينديون، بيشڪ دليون نَرم هونديون آهن پر فُضول ڳالهائڻ انهن کي سَخت ڪندو آهي۔ ۽ جنهن شخص جي دل سَخت ٿي وڃي اهو الله پاڪ جي رَحمت کان محروم ٿي ويندو آهي. (عيون الحڪايات، ۱/۱۸۵ملتقطا)   اچودعا ڪريون ٿا

بولوں نہ فضول اور رہیں نیچی نگاہیں                   آنکھوں کا زباں کا دے خدا قفلِ مدینہ

دوزخ کی کہاں تاب ہے کمزور بدن میں                    ہر عضو کا عطارؔ لگا قفلِ مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو الله پاڪ جي نبي حضرت سَيدُنا عيسٰي رُوحُ الله عَلَيه السَّلَام پنهنجن حَوارين (يعني پنهنجي ساٿين) کي جيڪي نصيحتون ڪيون ان ۾ فُضول ڳالهائڻ کان بچڻ ۽ پنهنجي زبان کي ذِڪرُ الله سان تَر رکڻ جو حڪم به ارشاد فرمايائون ۽ وڌيڪ اهو به فرمايائون ته فُضول ڳالهائڻ دل جي سَختي جو به سبب آهي۔

     حضرت سيدنا مالڪ بن ديناررَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان منقول آهي، ته پاڻ فرمائن ٿا: جڏهن توهان پنهنجي دل ۾ قساوت (سختي)، بدن ۾ سستي ۽ رزق ۾