Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

(5) ارشاد فرمايائون: ٻانهو ان وقت تائين ايمان جي حقيقت نٿو ماڻي سگھي جيستائين پنهنجي زَبان کي روڪي نه رکي۔ (المعجم الاوسط ،حديث:۶۵۶۳،۵/۵۵)

(6) ارشاد فرمايائون: خُوشخبري آهي ان شخص جي لاءِ جيڪو پنهنجو زائد (وڌيڪ) ڪلام بچائي رکي ۽ زائد مال خرچ ڪري ڇڏي۔

(المعجم الڪبير ، مسند رڪب المصري، رقم: ۴۶۱۶،۵/۷۲ )

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته خاموشي جون ڪيتري قدر فضيلتون آهن، خاموشي اختيار ڪرڻ عُمده عمل آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ بهترين عبادت آهي ۔خاموشي اختيار ڪرڻ سلامتي جو دليل (Proof) آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ نجات جو سبب آهي۔ خاموشي اختيار ڪرڻ ايمان جي حقيقت کي ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ تنهنڪري هنن حديث سڳورين ۾ بيان ڪيل فضيلتن کي ماڻڻ جي لاءِ پاڻ به زبان جي حفاظت ڪريو ۽ پنهنجي گهر وارن کي به زبان جو قفلِ مدينه لڳائڻ جو ذهن ڏيو ڇوته ڪڏهن ڪڏهن غيرضَروري ڳالهيون ڪندي ڪندي ”گناهن ڀري“ ڳالهين ۾ پئجي وڃڻ جو قَوي اِمڪان رهندو آهي، تنهنڪري خاموشي ۾ئي ڀلائي آهي۔

 

یا ربّ نہ ضَرورت کے سِوا کچھ کبھی بولوں!                         اللہ  زَباں  کا  ہو  عطا  قفلِ  مدینہ

بک بک کی یہ عادت نہ سرِ حشر پھنسا دے                     اللہ زَباں  کا  ہو  عطا  قفلِ  مدینہ

ہرلَفظ کا کس طرح حساب آہ! میں دُوں گا                      اللہ   زَباں  کا  ہو  عطا  قفلِ  مدینہ

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافله“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! زبان جي حفاظت جو جَذبو ماڻڻ ۽ فُضُول گوئي کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي