Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! فضول گفتگو هر طرح سان مذمت لائق آهي۔ هن باري ۾ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: هن ۾ بي فائده گفتگو به شامل آهي ۽ اها گفتگو به جيڪا مفيد ته هجي پر حاجت کان وڌيڪ هجي ڇوته مُفيد ڪم کي مختصر گفتگو جي ذريعي به ذڪر ڪرڻ ممڪن آهي ۽ وڌائي ۽ تڪرار سان به ذڪر ڪرڻ ممڪن آهي۔ جڏهن هڪ جملي جي ذريعي پنهنجي مقصد کي ادا ڪري سگھي ٿو پر ان جي باوجود ٻه جملا ڳالهائي ٿو ته ٻيو جملو فضول يعني حاجت کان وڌيڪ هوندو ۽ اهو به مذموم آهي۔ (احياء العلوم ، ۳/ ۱۴۱) تنهنڪري زبان جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ فضول ڳالهين کان بچڻ بيحد ضروري آهي اسان جي بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جو هر هر لمحو ذِڪرُ الله ۾ گذرندو هو، پر پوءِ به اهي نيڪ ماڻهو زبان جي ڪيتري قدر حفاظت ڪندا هئا، اچو! هن باري ۾ ان هستين جا مُبارڪ قول ٻڌون ٿا، جيئن ته

ڪٿي اهو فُضول ڪلام نه ٿئي

٭امير المؤمنين حضرت سَيدُنا ابو بڪر صديق رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه گفتگو کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي وات ۾ پٿري رکندا هئا ۽ پنهنجي زبان ڏانهن اشارو ڪري فرمائيندا هئا: هيء ئي اها شيءَ آهي جيڪا مون کي هلاڪت واري جڳهن تي کڻي وئي آهي۔

٭هڪ صحابي رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه ارشاد فرمائن ٿا: هڪ شخص مون سان ڪا ڳالھ ڪري ٿو ته ان جو جواب ڏيڻ مون کي ايترو وڌيڪ مرغوب ۽ پسنديده هوندو آهي جيترو هڪ اُڃايل شخص کي ٿڌو پاڻي به ناهي هوندو پر مان ان خوف سان ان جو جواب ناهيان ڏيندو ته ڪٿي هي فضول ڪلام نه هجي۔  (احياءالعلوم ،۳/ ۳۴۸)

٭حضرت سيدُنا موسٰي بن علي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه فرمائن ٿا: بني اسرائيل جي هڪ راهب (يعني دنيا کان الڳ ٿلڳ عبادت ۾ مشغول شخص) جو قول آهي ته عورت جي زينت شرم ۽ حيا ۽ عقل مند جي زينت خاموشي آهي۔ (ايڪ چپ سو سڪه،ص۱۶)