Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مدني قافلو‘‘ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني قافلو علمِ دِين حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي۔ مدني قافلي جي برڪت سان فرضن، واجبن جي پابندي نصيب ٿيندي آهي، مدني قافلي جي برڪت سان سنتن تي عمل جو موقعو ملندو آهي، مدني قافلي جي برڪت سان اشراق، چاشت، اوابين ۽ تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي۔ عموماً دعوتِ اسلامي جا مدني قافلا مسجدن ۾ ترسندا آهن ۽ مسجد ۾ عبادت جي نيت سان ترسڻ وارن جي ته ڇا ئي ڳالھ آهي جو نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان خوش نصيب جي باري ۾ ٽي(3) ڳالھيون ارشاد فرمايون آهن: (1) ان مان فائدو حاصل ڪيو ويندو آهي (2) يا اهو حڪمت ڀريو ڪلام ڪندو آهي (3) يا رحمت جو منتظر هوندو آهي۔ (الترغيب والترهيب،ڪتاب الصلوۃ،باب الترغيب في لزوم المساجد…الخ،۱/۱۶۹،رقم:۵۰۳ ماخوذاً) اچو! اسان به نيت ڪريون ٿا ته سنتن جي خدمت ڪرڻ ۽ مسلمانن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ ضرور سفر ڪنداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هر 12 مهينن هڪ مهينو ۽ زندگي ۾ هڪ ڀيرو يڪمشت 12 مهينن جي مدني قافلي ۾ به سفر جي سعادت حاصل ڪنداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اچو!مدني قافلن ۾ سفر جو وڌيڪ جذبو وڌائڻ جي لاءِ هٿو هٿ مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو، جيئن ته

ٽَنگن جي سور مان نجات ملي

زم زم نگر حيدرآباد (باب الاسلام سندھ) جي اسلامي ڀاءُ جي ٽَنگن ۾ ايتري قدر شديد سور رهندو هو جو اٿڻ ويهڻ مشڪل ٿي ويو۔ ان سور کان ڇوٽڪاري جي لاءِ انهن تمام گھڻي رقم خرچ ڪئي۔ باب الاسلام سندھ جي علاوه پنجاب جي ڪيئي ڊاڪٽرن کان به علاج ڪرايو پر ڪو فائدو نه ٿيو۔ هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سان ان جي ملاقات ٿي گفتگو دوران ان اسلامي ڀاءُ سان پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪيو ته انهن شفقت ڀري انداز ۾ انفرادي ڪوشش ڪئي ۽ انهن کي مدني قافلي ۾ سفر جون برڪتون ٻڌائيندي