Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

(4)ڪفريات ڳالهائي ڇڏيندو آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄوڪي دور ۾ علم کان دُوري جي ڪري ڪي ماڻهو ايتري قدر بي لگام ٿيندا پيا وڃن جو جيڪو وات ۾ ايندو آهي هڪدم بڪي ڇڏيندا آهن، گھڙي کن به نٿا غورڪن ته مان ڇا چئي رهيو آهيان؟ فضول گوئي جي اها عادت انسان کي نه ڳالهائيندڙ شيء ڳالهرائيندي آهي ۽ وڏي مصيبت ۾ ڦاسائيندي آهي۽ بعض اوقات انسان پنهنجي زبان مان ڪفريه جملا ڪڍي پنهنجو سڀ کان قيمتي سرمايي ايمان مان هٿ کڻي ويهندو آهي پر ان کي خبر تائين ناهي پوندي ته هو مسلمان ناهي رهيو ۽ ان جو نڪاح به ٽٽي ويو، ڪي ماڻهو ته گھڻا ئي بي حس هوندا آهن، ڳالھ ڳالھ تي هروڀرو ائين تائيد طلب ڪندا آهن، ڪيئن ادا! ٺيڪ آهي نه! مان غَلَط ته نه پيو چوان!'' اوهان جو ڇا خيال آهي؟'' هاڻي ڳالھ ڀلي ناقابلِ قبول هجي پر نه چاهيندي به ها ۾ ها ملائي ڪوڙ ڳالهائڻ جو گناھ ڪرڻو پوندو آهي، ان طرح فضول ڳالهائڻ وارا ماڻهو ڪڏهن ته گمراهي جون ڳالهيون بلڪه مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ! ڪفريات بڪي به عادت مطابق تائيد حاصل ڪندا آهن ۽ ان طرح جا جملا مثال طور: ''ڪيئن سائين ٺيڪ چئي رهيو آهيان نه؟'' چئي سامهون واري کان ها چورائي بعض اوقات ان جو به ايمان برباد ڪرائيندا آهن؟ ڇوته هوش ۽ حواس سان ڪفر جي تائيد به ڪفر آهي۔ ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ مزيد اهم معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت ،اميراهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو بهترين ڪتاب ”ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب “ جو مطالعو انتهائي مفيد آهي ۔

                                                                                                                            يارَبّ ! نہ ضرورت کے سِوا کبھی کچھ بولوں

اللہ  زَباں کا  ہو عطا  قُفلِ مدينہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد