Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

ويندو۔ ٻانهي وٽ ان جو ڪو جواب نه هوندو ۽ هو رب تعاليٰ جي سامهون شرم ۽ نَدامت سان پاڻي پاڻي ٿي ويندو۔ (مِنهاجُ العابِدين، ص۶۷) 

اي ڪاش!

میری  زبان  تَر رہے  ذِکر  و دُرود  سے

بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فضول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بروزِ محشر ان رُسوائي کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ زبان جي حفاظت جو ذِهن بڻايو، فُضُول گفتگو کان بچڻ جي عادت بڻايو ڇوته گھٽ ڳالهائڻ اهڙو عمل آهي جو ان تي ابُوالبشر حضرت سَيدُنا آدم عَلَيه السَّلَام کان ان جو عهد (Promise) ورتو ويو آهي، جيئن ته

بابا سائين! اوهان ڳالهايو ڇو نٿا؟

حضرت سيدُنا عبدُالله بن عباس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰي عَنْهمَا کان روايت آهي ته حضرت سَيدُنا آدم عَلَـيه السَّلَام جڏهن زمين تي موڪليا ويا ته سندن کي تمام گھڻو اولاد ٿيو۔ هڪ ڏينهن سندن پٽ، پوٽا ۽ پڙ پوٽا سڀئي پاڻ وٽ گڏ ٿي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ جڏهن ته پاڻ عَلَـيه السَّلَام خاموش ويٺا رهيا ۽ ڪا گفتگو نه ڪئي۔ اولاد عرض ڪيو: بابا سائين! ڇا ڳالھ آهي اسان گفتگو ڪري رهيا آهيون ۽ اوهان ماٺ آهيو؟ حضرت سيدُنا آدم عَلَـيه السَّلَام جن ارشاد فرمايو: اي منهنجا فرزندو! جڏهن الله ڪريم مون کي پنهنجو قُرب (يعني جنت) کان زمين تي لاٿو ته مون سان اهو عهد ورتو هو ته اي آدم! گفتگو گھٽ ڪجان ايستائين جو منهنجي قُرب ۾ موٽي اچو۔ (تاريخ بغداد،۷/ ۳۳۹،رقم:۳۸۴۳:ابوعلي مؤدب حسن بن شبيب)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان گھٽ مان گھٽ گفتگو ڪرڻ جي ڪيتري قدر اَهميت آهي جو خود ربِ ڪريم پنهنجي برگزيده نبي عَلَيه السَّلَام کي گھٽ گفتگو ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمائي رهيو آهي ته اسان کي پنهنجي زبان جي