Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

      الله ڪريم اسان کي فُضُول گفتگو کان بچندي زبان جو قُفلِ مدينه لڳائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمين بِجاه النَّبِي الْاَمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! زبان جي حفاظت جو ذهن بڻائڻ،فضول ڳالهائڻ جي آفت کان بچڻ ۽ ٻين کي ان جون تباهه ڪاريون ٻڌائي انهن کي بچائڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي هنن رسالن (1) ”هڪ چپ سو سکَ“ (2) ”خاموش شهزادو“ (3) ”مٺا ٻول“ جو مطالعو ڪريو. هنن رسالن ۾ فضول ڳالهائڻ جي مذمت، خاموشي جا فائدا ۽ اهميت، خاموشي سان متعلق بزرگان دين جا واقعا ۽ کوڙ سارا مدني گل پنهنجي خوشبو پکيڙي رهيا آهن. دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن رسالن کي پڙهي به  سگهجي ٿو، ڊائون لوڊ (download)  ۽ پرنٽ آؤٽ  (print out)  به ڪري سگهجي ٿو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

 (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

 

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا                     جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخِ طريقت، امير اهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101 مَدَني گل“ مان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌو: