Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

چيائين ته اوهان ايترو علاج ڪرايو آهي جيڪڏهن چاهيو ته هڪ ڪوشش اها به ڪري ڏسو ته مدني قافلي جي برڪت سان جتي هزارين ماڻهن جا مسئلا حل ٿيا آهن، اتي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ راھ خدا ۾ سفر جي برڪت سان اوهان کي به فائدو ٿيندو۔ ان اسلامي ڀاءُ جون اهي ڳالهيون ان جي دل تي اثر ڪري ويون ۽ هو ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جي لاءِ تيار ٿي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جڏهن ان مدني قافلي ۾ سفر ڪيو ته اتي روئي روئي پنهنجي بيماري کان شفا جي لاءِ دعا ڪئي، ان جي دعا قبول ٿي ۽ قافلي جي برڪت سان ان کي سور مان نجات ملي وئي۔

 

مانگو آ کر دُعا، پاؤ گے مدّعا                     در کرم کے کھلیں، قافلے میں چلو

اچّھی صحبت ملے، خوب برکت ملے          چل پڑو چل پڑیں قافلے میں چلو

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فضول ڳالهائن جا نقصان

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان فضول گوئي جي مذمت جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون۔ ياد رکو! بي سوچي سمجهي،جيڪو اچي چئي ڇڏڻ، بيحد خطرناڪ نَتيجن جو سبب ٿي سگھي ٿو ۽ الله پاڪ جي هميشه هميشه جي ناراضي جو سبب به بڻجي سگھي ٿو۔ يقيناً زَبان جو قُفلِ مدينه لڳائڻ يعني پنهنجو پاڻ کي غير ضَروري ڳالهين کان بچائڻ ئي ۾ عافيت آهي ڇوته جيڪو گھڻو ڳالهائيندو آهي عام طور غلطيون (Mistakes) به گھڻيون ڪندو آهي، راز (Secret) به ظاهر ڪندو آهي۔ غيبت ۽ چغلي ۽ عيب جُوئي جهڙن گناهن کان بچڻ به اهڙي شخص جي لاءِ گھڻو دشوار هوندو آهي، بلڪه فضول ڳالهائڻ جو عادي ڪڏهن ته مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ ڪفريات به بڪيندو آهي۔ اچو! فضول گوئي جي ڪجھ نقصانن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن ته،