Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

(3)غيبت ۽ لڙائي جهيڙي ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! فضول ڳالهيون ۽ فضول سوال عام طور تي غيبت ۽ لڙائي جهيڙي جو سبب به بڻجي ويندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن صحيح مقصد جي لاءِ ڪا ڳالھ پڇي وڃي ته حرج نه آهي پر عام طور سوالن جو صحيح مقصد ناهي هوندو، بلڪ پڇڻ صرف پڇڻ هوندو آهي مثال طور ڪنهن جي ڪا شيء ڏٺي ته ان کان پڇڻ ته اها ڪيتري ۾ ورتي آهي؟ ڪٿان کان ورتي آهي؟ ان جي گارنٽي ڪيترن سالن جي آهي؟ ياد رکو! بنا سبب اهي ڳالهيون پڇڻ فُضول گفتگو ۾ شمار ٿينديون آهن ۽ آخرت ۾ ان جو حساب ڏيڻو پوندو۔ ڪڏهن ڪڏهن ان سوالن سان غيبت، چغلي ۽ جھيڙي جھٽي جو دروازو کلي ويندو آهي، مثال طور ڪنهن ڪرائي تي گھر ورتو ته سوال ٿيندو آهي، ڪيترن ڪمرن جو آهي؟ ڪرايو ڪيترو آهي؟ ۽ مڪان مالڪ ڪيئن آهي؟ مالڪ مڪان جي باري ۾ اهو سوال نهايت خطرناڪ آهي ان جو جواب عام طور بلا اجازتِ شرعي ڪجھ ان طرح گناهن ڀريو ملندو آهي ته اسان جو مڪان مالڪ نهايت سخت مزاج آهي۔ بي رحم آهي ۽ خَردماغ آهي، ڪرائي ۾ هڪ ڏينهن جي به دير برداشت نٿو ڪري۔ ياد رکو! اهو سڀ غيبت جي زُمري ۾ اچي ٿو ۽ ڪنهن مسلمان جي غيبت ڪرڻ پاڻ کي هلاڪت ۾ مبتلا ڪرڻ آهي جيئن غيبت جون تباھ ڪاريون صفحي 26 تي آهي: غيبت ايمان کي ڪپي ڇڏيندي آهي ٭غيبت بُري خاتمي جو سبب آهي٭ گھڻي غيبت ڪرڻ واري جي دعا قبول ناهي ٿيندي ٭غيبت سان نَماز روزي جي نورانيت ختم ٿي ويندي آهي ٭غيبت سان نيڪيون برباد ٿينديون آهن ٭ غيبت نيڪيون ساڙي ڇڏيندي آهي ٭غيبت ڪرڻ وارو توبه ڪري به وٺي تڏهن به سڀني کان آخِر ۾ جنَّت ۾ داخِل ٿيندو، مطلب ته غيبت گناھ ڪبيره، قطعي حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔

     مجھے غیبت وچغلی و بد گمانی               کی آفات سے تُو  بچا یا الٰہی