Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

اختيار ڪيو۔ ٭ وڏي آواز سان ڳالهائڻ کان بيحد احتياط ڪريو ٭ چاهي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به آدب سکندو ٭ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي٭ جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽڻ کان بچو ۽ ڳالهه ٻولهه دوران ٽهڪ ڏيڻ سنت نه آهي ٭ ڳالهائڻ وقت هميشه ياد رکو گهڻيون ڳالهيون ڪرڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي٭ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي ٭ بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوٰی رضویہ ، ۲۱/۱۲۷)  ۽ بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا؛ ”اُن شخص تي جنت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔“ (کتابُ الصَّمْت مع موسوعۃالامام ابن ابی الدنیا، ۷/۲۰۴ حدیث: ۳۲۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

 

مجھ کو جذبہ دے سفر کا کرتارہوں پروردگار                       سنتوں کی تربیت کے قافلے میں بار بار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد