Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

جڏھن هن شعبي جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي وئي ته خبر پئي ته پنهنجو T.V چينل کولي، فلمن ڊرامن، ڳائڻ وڄائڻ، موسيقي جي ڌُنن ۽ عورتن جي نمائش کان بچندي 100 فيصد اسلامي مواد فراھم ڪرڻ ممڪن

 آھي ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شُورٰي خوب جدوجهد ڪري رمضانُ المبارڪ 1429ھ سيپٽمبر (2008) کان مدني چينل جي ذريعي گهر گهر سنّتن جو پيغام عام ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ان جا حيرت انگيز مدني نتيجا سامهون اچڻ لڳا۔

مَدَنی چینل کی مُہِم ہے نفس وشیطاں کے خلاف       جو بھی دیکھے گا کرےگا اِنْ شَآءَ اللہ اِعتراف

نَفْسِ  اَمَّارہ  پہ ضَرب  ایسی  لگے  گی  زور دار              شرمِ عصیاں کے سبب ہوگا گنہگار اَشکبار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان به پنهنجي گھروارن، رشتيدارن ۽ دوستن کي مدني چينل ڏسڻ جي ترغيب ڏياريو، گناهن ڀريا چينل ڏسڻ سان پاڻ به بچو ۽ ٻين کي به بچايو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني چينل تي معاشري ۾ موجود انهن تمام بُرائين جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي جيڪي دُنياوي نُقصان سان گڏوگڏ بروزِ قيامت ۾ به ذِلّت ۽ رُسوائي جو سبب بڻجنديون۔ اسان به نِيت ڪيون ٿا ته اڄ کان پوءِ گناهن ڀريا چينل نه ڏسنداسين ۽ نه گُناهن جي قريب وينداسين بلڪ خالص الله عَزَّوَجَلّ َ  جي رضا ۽ خُوشنودي جي لاءِ خوب خوب نيڪيون ڪنداسين۔

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي پنهنجي نِيت تي ثابت قدم رهندي عمل جي توفيق نصيب فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌو ته

v                بُري صحبت ۾ ويهڻ وارو معاشري ۾ نشانِ عبرت بڻجي ويندو آهي،

v                بُري صحبت ۾ ويهڻ وارو هميشه نقصان ئي کڻندو آهي۔