Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

رحمت ڀري برسات جو  وسڻ

منقول آهي ته هڪ ڀيرو سيوهڻ شريف (بابُ الاسلام سندھ) ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ شديد ڏڪار ٿيو ايستائين جو کائڻ جي ڪا شيء پري پري تائين نظر نه ايندي هئي، نهرون خشڪ ٿي ويون، کوھ سڪي ويا، پاڻي جو ملڻ دشوار ٿي ويو۔ ڏڪار جي ڪري ايتري قدر خوفناڪ صورت حال ٿي وئي جو زندهه بچڻ جي ڪا اُميد ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي۔ نيٺ علائقي وارا گڏ ٿي حضرت لعل شهباز قلندر سيد محمد عثمان مَروَندي ڪاظمي قادري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي خانقاھ وٽ گڏ ٿيا ۽ فرياد ڪرڻ لڳا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه اَمْر بِالْمَعْرُوْف ۽ نَهي عَنِ الْمُنْکر (نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ) جو فريضو ادا ڪندي فرمايائون: توهان سڀ الله جي بارگاھ ۾ گناهن کان سچي توبه ڪيو ۽ مون سان گڏ دعا گھرو۔ ماڻهن هڪدم الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ عالي ۾ پنهنجن گناهن جي معافي گھري ۽ توبه استغفار ڪرڻ لڳا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ دُعا جي لاءِ هٿ کنيا ۽ برسات ۽ خوشحالي جي دعا گھري۔ چيو وڃي ٿو ته اڃا حضرت لعل شهباز قلندر رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه دعا گھري پنهنجي حُجري مبارڪ ۾ داخل به نه ٿيا جو الله عَزَّوَجَلَّ سندن دعا کي قبولي ورتو ۽ رحمت ڀريو مينهن وسڻ لڳو۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل وڪرم ۽ حضرت سَيدُنا لعل شهباز قلندر
رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه جي دعا قبول ٿيڻ جي خوشي ۾ ماڻهن کاڌو پچائي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهايو۔ حضرت سيدنا لعل شهباز رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه عشاء نماز جي ادائيگي کان بعد اجتماعِ ذڪرونعت جو اهتمام ڪيو ۽ ماڻهن گڏجي الله عَزَّ وَجَلَّ جو ذڪر ڪيو ۽ حضور پُرنور صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات گرامي تي خوب درود ۽ سلام پيش ڪيو۔ (شان قلندر،ص۳۱۱ ملخصا)

الله عَزَّوَجَلَّ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي۔                 اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد