Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته جڏهن ڪا مصيبت پهچي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي انهن کان دُعا ڪرائڻ گھرجي ته الله عَزَّ وَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جون دعائون فوراً بارگاھ عالي ۾ قبول ٿي وينديون آهن۔ ۽ هي به خبر پئي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت ملڻ تي جائز طريقي سان خوشي جو اظهار ڪرڻ گھرجي تڏهن ته حضرت سَيدُنا لعل شهباز قلندرعثمان مَروَندي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه اجتماعِ ذڪر ۽ نعت جو اهتمام ڪري الله عَزَّ وَجَلَّ جو شڪر ادا ڪيو ۽ ڇو نه ڪجي جو هنن الله وارن جي ته سڄي زندگي قرآن ۽ سُنَّت جي تعليمات جو عملي نمونو هوندي آهي۔ پر افسوس صد افسوس! اسان جي اڪثريت انهن نيڪ هستين جي طريقي تي هلڻ جي بدران خوشي جي موقعن تي پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني ڪندي نظر ايندي آهي، خُوب بي حَيائي جو بازار گرم ٿيندو آهي جنهن ۾ هڪ ٻئي جا حق پامال ڪيا ويندا آهن، ڪجهه  نادان ماڻهو خوشي جي انهن لمحن ۾ مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون سجائيندا آهن جنهن ۾ سڄي سڄي رات ڇوڪرا ۽ بي پرده ڇوڪريون نچنديون ڳائينديون آهن ۽ ان طرح مخلوط (Mix) ماحول ۾ ماڻهو بدنگاهي جي سبب پنهنجي اکين کي حَرام سان ڀريندا آهن. ياد رکو! شادي وهانء ۽ خُوشي جا ٻيا موقعا الله عَزَّوَجَلَّ جي عظيم نعمت آهن، اسان کي هنن لمحن کي صحيح انداز سان گذارڻ جو طريقو به معلوم هئڻ گھرجي، الله
عَزَّوَجَلَّ جي ڏنل ان نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پهريان ان پُرمسرت گھڙين ۾ رَبِّ ڪريم عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ حضرت سَيدُنا زِيادبِن عُبيد رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه کان منقول آهي: نعمت ماڻڻ واري تي اللهعَزَّ وَجَلَّ جو هڪ حق هيءُ آهي ته هو ان نعمت جي ذريعي نافرماني نه ڪري۔ (تاريخ مدينه دمشق لابن عساڪر، زياد بن عبيد،۱۹/۱۹۱) الله عَزَّ وَجَلَّ جي نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ جا ڪجهه جائز طريقا هي آهن ته زبان سان الله عَزَّ وَجَلَّ جي حمد ڪئي وڃي، تلاوتِ قرآن پاڪ ۽ اجتماع ذڪر ۽ نعت جو اهتمام ڪيو وڃي، نعمت ملڻ جي خوشي ۾ سجده شڪر ادا ڪيو وڃي ڇوته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ