Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

وَسَلَّم کي جڏهن ڪا خوشي حاصل ٿيندي هئي ته آقا ءِ دوعالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سجده شڪر ادا ڪندا هئا۔“   (ابن ماجه ،۲/۱۶۳،حديث:۱۳۹۴)

          اچو! انهيءَ ضمن ۾ شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي تصنيف ’’نماز جا احڪام‘‘ صفحي 285 تان سجده شڪر ادا ڪرڻ جا موقعا ۽ ان جو طريقو ٻڌون ٿا پاڻ دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: اولاد پيدا ٿي يا دولت ملي يا گم ٿيل شيء ملي وئي يا مريض کي شفا ملي يا سفر تان واپس موٽيو الغرض ته ڪنهن به نِعمت حاصل ٿيڻ تي سجدهءِ شڪر ڪرڻ مستحب آهي. ان جو طريقو اهوئي آهي جيڪو سجدهءِ تلاوت جو آهي. (عالمگيري، ج1، ص136ردالمحتار ج 2 ص 720) اهڙيءَ طرح جڏهن به ڪا خوشخبري يا نِعمت ملي ته سجدهءِ شڪر ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي مثال طور مدينہءِ منوره جي ويزا لڳي وئي، ڪنهن تي انفرادي ڪوشش ۾ڪاميابي ٿي ۽ اهو دعوتِ اسلامي جي سنّتن جي تربيت جي مدني قافلي ۾ سفر جي لاءِ تيار ٿي ويو، ڪنهن سُنّي عالمِ باعمل جي زيارت ٿي وئي، مبارڪ خواب نظر آيو، طالب علمِ دين امتحان ۾ ڪامياب ٿيو، آفت ٽري وئي ۽ ڪو اسلام جو دشمن مُئو وغيره وغيره۔(هنن سڀني موقعن تي سجده شڪر ڪرڻ مستحب آهي)

اللهعَزَّوَجَلَّاسان کي شريعت جي دائري ۾ رهندي خوشيون ملهائڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

گناہوں سے مجھ کو بچا یا الٰہی

بری عادتیں بھی چھڑا یا الٰہی

خطائوں کو میری مِٹا یا الٰہی

مجھے نیک خصلت بنا یا الٰہی

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد