Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat


وَ قَالَ رَبُّکُمُ اُدۡعُوۡنِیۡۤ اَسۡتَجِبۡ لَکُمۡ ؕ

(پ 24 مؤمن 60)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ توهان جي رب فرمايو مون کان دعا گھرو ته مان قبول ڪندس

اهڙي طرح سيپاري 2 سورة البقره جي آيت نمبر 186 ۾ ارشادِ خُداوندي آهي:

 وَ اِذَا سَاَلَکَ عِبَادِیۡ عَنِّیۡ فَاِنِّیۡ قَرِیۡبٌ ؕ اُجِیۡبُ دَعۡوَۃَ الدَّاعِ اِذَا دَعَانِ ۙ  (پ۲البقرة:۱۸۶)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اي محبُوب! جڏھن توهان کان مُنھنجا ٻانھا مُنھنجو پُڇن ته آئون نِهايت ويجھو آھيان ٻاڏائيندڙ جِي دُعا قُبول ڪندو آهيان جڏهن مُون کي ٻاڏائي ٿو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارڪ زندگي جي ڏينهنَ مبارڪ جو مطالعو ڪيو وڃي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معمولاتِ زندگي ۾ مختلف دُعائون، سندن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو معمول رهيون، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هي مبارڪ عمل اُمّت کي سيکارڻ جي لاءِ به هو، مثال طور گھر ۾ داخل ٿيڻ جي دُعا، گھران نڪرڻ وقت جي دُعا، سمهڻ کان پهريان جي دُعا، بيدار ٿيڻ کان پوءِ جي دُعا، ماني کائڻ کان پهريان جي دُعا، ماني کائڻ کان پوءِ جي دُعا، لباس پائڻ جي دُعا، تيل لڳائڻ جي دُعا وغيره۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه صرف وقتاً فوقتاً دُعا جي اهميت کي بيان فرمايو بلڪه ڏينهن رات دُعا ۾ مصروف رهڻ جي ترغيب به ڏياري، اچو دُعا جي اهميت ۽ فضيلت جي باري ۾ ڪجھ احاديثِ مُبارڪه ٻڌون ٿا:

1.       پياري آقا ،مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الدُّعَاءُمُخُّ العِبَادَةِ     يعني دُعا عبادت جو مَغَز آهي۔([1])

 

 



[1]ترمذی،کتاب الدعوات،باب ماجاء فی فضل الدُعاء،۵/۲۴۳،حدیث:۳۳۸۲