Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ مُبارڪ تي دُرُودِپاڪ لازمي پڙھندا ڪيون، ان جي

 بَرَڪت سان اسان جون دُعائون بارگاھ اِلٰهي ۾ مَقبُول ٿينديون۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

نظر   کا   نُور  دلوں   کیلئے   قَرار  دُرُود

 

عَقِیدتوں  کا  چَمن، رُوح  کا  نِکھار دُرُود

چراغِ یاسِ مُسلسل کے گُھپ اَندھیروں  میں

 

غَموں کی دُھوپ میں ہے ابرِ سایہ دار دُرُود

دُرُود  رُوح   کی   بالِیدگی   کا  ساماں  ہے

 

جَبِینِ  شوق  کو  دیتا  ہے اک نِکھار دُرُود

دُرُود  نغمہئ   نعتِ   نبی   کا   زِینہ   ہے

 

سدا  بہار  دُعاؤں  کا  ہے   وقار   دُرُود

گُلاب ذِہن کے پردوں پہ کِھلنے لگتے ہیں

 

زَباں پہ جب بھی مِری آتا ہے مُشکبار دُرُود

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! دُعا دُنيا ۽ آخرت جون کوڙ ساريون ڀلائيون حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، دُعا الله عَزَّوَجَلَّ کان مُناجات (يعني الله
عَزَّوَجَلَّ جي ساراھ ۽ پنهنجي عاجزي جو اِظهار) ڪرڻ، ان جو قُرب حاصل ڪرڻ، ان جي عظيم بارگاھ مان مُرادون ماڻڻ، ان جي فضل ۽ انعام جو حقدار ٿيڻ، بخشش ۽ مغفرت جو پروانو حاصل ڪرڻ ۽ دُنيوي ۽ اُخروي مصيبتن ۽ مُشڪلاتن جي حل جو نهايت آسان ۽ مُجَرَّب ذريعو آهي، دُعا گھرڻ الله ربُّ العزت عَزّوَجَلَّ جي پيارن ٻانهن جي عادت به آهي ۽ هڪ بهترين عبادت به، دُعا گھرڻ پياري مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّت به آهي ۽ دُعا گنهگار ٻانهن جي حق ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان هڪ نهايت وڏي نعمت ۽ سعادت به آهي، دُعا جي اهميت ۽ قدر و منزلت جو اندازو هن ڳالھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته قرآنِ پاڪ ۾ خود الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجن ٻانهن کي نه صرف پنهنجي بارگاھ ۾ دُعا گھرڻ جو حڪم فرمائي رهيو آهي بلڪه قبوليت جي خُوشخبري سان به نوازي رهيو آهي،

 جيئن سيپاري 24 سوره مومن آيت نمبر 60 ۾ ارشاد آهي: