Book Name:Allah walon kay Rozay

آهي، ”دنيا ۾ جيڪو نيڪ عمل جيڏو ڏکيو هوندو قيامت جي ڏينهن نيڪين جي پُلڙي ۾ اوترو ئي وڌيڪ وزن دار ٿيندو۔“ ([1])

عاصیوں کی مغفرت کا لیکر آیا ہے پیام

جھوم جاؤ مجرمو! رمضاں مہِ غُفران ہے

  وسائلِ بخشش مُرَمّم،ص۷۰۶

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جو نفس جيئن ته سهولت پسند آهي تنهنڪري هن کي هر وقت عيش ۽ راحت کپي ۽ اهو عبادات جي محنت ۽ مشقت کان گھٻرائيندو ۽ پاسو ڪندو آهي مثال طور جڏهن هڪ مسلمان روزو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته نفس طرح طرح جي حيلن بهانن سان مختلف عُذر ياد ڪرائي روزو رکڻ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، مثال طور ؛ هاڻي ته شديد گرمي آهي، حالات سازگار نه آهن، ڪم ڪار ڪيئن ٿيندو، طبيعت خراب ٿي ويندي، بعد ۾ رکي وٺجو وغيره وغيره، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان نفس جي دوکي ۾ نه اچون، روزا توڙي سياري ۾ اچن يا سخت گرمين ۾، بنا شرعي سبب جي فرض روزا بلڪل نه ڇڏجن، بلڪ روزي رکڻ جي بدلي ملڻ واري انعاماتِ خداوندي تي نظر رکون ، جو الله عَزَّ وَجَلَّ  پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ روزو رکڻ وارن ۽ وارين جو نه صرف ذڪرِ خير ڪيو آهي بلڪ اُنهن کي بخشش ۽ وڏي اِنعام جي خُوشخبري سان به نوازيو آهي جيئن

 



[1]تذکرۃ الاولیاء،باب یازدہم،ذکر ابراہیم بن ادھم، ص۹۵