Book Name:Allah walon kay Rozay

ڇا روزي سان ماڻهو بيمار ٿيندو آهي ؟

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ ! ٻڌو اوهان ته اسلام اسان کي صحت ۽ تندرستي جي نعمت ماڻڻ ۽ تمام گھڻو ثواب حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو زبردست مدني نسخو عطا فرمايو آهي جو جيڪو ٻانهو رضاءِ الٰهي جي لاءِ صرف هڪ روزو رکندو آهي ته الله عَزَّ وَجَلَّ ان کي زبردست اجر ۽ ثواب سان گڏوگڏ صحت و تندرستي جي نعمت سان به نوازيندو آهي۔ غور ته ڪيو جو جڏهن هڪ روزو رکڻ جي اها جزا آهي ته جيڪي خُوش نصيب سڄي رَمَضانُ المُبارَڪ جي مهيني جا روزا رکندا آهن، انهن جي ثواب ۽ انهن کي بارگاه خداوندي مان ملڻ وارن انعامن جو اندازو ڪير لڳائي سگھي ٿو۔ پر افسوس! ڪن ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو ويو آهي ته اسان ته فُلاڻي فُلاڻي مهيني يا سڄي رَمَضانُ المُبارَڪ جا باقاعدگي سان روزا رکندا آهيون پر تندرست ٿيڻ بدران الٽو بيمار ٿي ويندا آهيون ۽ روزو رکي ڪنهن ڪم جا نٿا رهون، ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي جو جيئن جسم بي جان ٿي ويو آهي وغيره وغيره، ته ياد رکو! هن ۾ روزن جو ڪو قُصور ناهي هوندو بلڪه قصور اسان جو پنهنجو هوندو آهي مثال طور ڪي ماڻهو کائڻ پيئڻ جي معاملن ۾ حد کان وڌي ويندا آهن جو جيڪڏهن پنهنجي معدي تي اُن جي طاقت کان وڌيڪ بار وجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ سحري و اِفطاري ۾ مُرَغَّن، تيل ۾ تريل ۽ چٽخاري دار کاڌا، پراٺا، برگر، ڀڳل سيون، سيخ ڪباب ۽ ٻوٽي، سموسا، رول، پڪوڙا، ٿڌا شربت، باربي ڪيو، بريانيون ۽ خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون غذائون پنهنجي معدي ۾ خوب ڀرينداسين ته ويچارو معدو آخِر ڪهڙي ڪهڙي شيء کي ڪهڙي طرح