Book Name:Allah walon kay Rozay

هضم ڪري سگھندو؟ نتيجتاً نظامِ اِنهضام (Digestive System) دَرهم بَرهم ٿي ويندو، مِعدو بيمار ٿي ويندو ۽ پوءِ سڄي جسم کي اَمراض فَراهم ڪرڻ لڳندو جيئن ته

رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ حِڪمت نِشان آهي، مِعْدو بدن ۾ حَوض وانگر آهي ۽ (بدن جون) ناليون (يعني رَڳون) مِعْدي جي طرف اينديون آهن جيڪڏهن مِعْده صحّتمند آهي ته رَڳون (مِعْده مان) صحت کڻي موٽنديون آهن ۽ جيڪڏهن مِعْدو خراب آهي ته  رڳون بيماري کڻي واپس موٽنديون آهن ۔([1])

تنهنڪري روزي ۾ به ۽ روزي کان علاوه به کائڻ پيئڻ جي معاملن ۾ خُوب احتياط ڪرڻ گھرجي ۽ روزن ۾ طاقت کان وڌيڪ محنت ۽ مشقت وارو ڪم ڪرڻ کان به بچڻ گھرجي، ڇو ته روزي جي حالت ۾ طاقت کان وڌيڪ محنت ڪئي وڃي ته ان سان به جسم تي خراب اَثرات مُرَتَّب ٿيندا ۽ روزو رکڻ يا رکي ڪري ان کي پورو ڪرڻ دُشوار ٿي ويندو آهي۔ بدقسمتي سان مال و دولت ڪمائڻ جي حرص جي وجه سان بعض نادان مسلمان رَمَضان جو مهينو ايندي ئي عبادت جي ڪثرت جي بدارن مال دولت جي خاطر روزي ۾ به طاقت کان وڌيڪ محنت ۽ مَشَقَّت وارو ڪم ڪندا آهن جنهن سان انهن جي بدن ۾ ڪمزوري وڌي ويندي آهي، نتيجتاً روزي رکڻ کان معذور ٿي ويندا آهن ۽ رکندا به آهن ته ڪڏهن ڪڏهن



[1]شُعبُ الایمان ،باب فی المطاعم والمشارب،فصل فی طیب المطعم والملبس،۵/۶۶،حدیث:۵۷۹۶