Book Name:Allah walon kay Rozay

رات جي ابتِدائي حصّي ۾ آرام فرمائي باقي رات قِيام (يعني عبادت) ڪندا هئا۔([1])

روزون جي ڪثرت سان رنگت پيلي ٿي وئي

حضرت سَيدُنا اَسْوَد بن يزيد رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه  عبادت ۽ رياضت ۾ خُوب ڪوشش ڪندا هئا۔ تمام گھڻي عبادات ڪندا هئا، بڪثرت روزا رکندا هئا ايستائين جو سندن رنگ ساواڻ مائل ۽ پِيلو ٿي ويو۔([2])

مسلسل چاليھ(40) سالن تائين روزا

حضرتِ سيّدُنا داود طائي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسلسل چاليهه سالن تائين روزا رکندا رهيا پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اخلاص جو هي عالم هيو جو پنهنجي گھر وارن کي به خبر ٿيڻ نه ڏنائون۔ ڪم تي ويندي منجهند جو کاڌو ساڻ کڻي ويندا هئا ۽ رستي ۾ ڪنهن کي ڏئي ڇڏيندا هئا، سانجهيءَ کانپوءِ گھر اچي کاڌو کائي وٺندا هئا۔ ([3])

60 سال تائين سڄي ڏينهن روزو ۽ سڄي رات عبادت

حضرت سيدُنا منصوربن مُعْتَمِر رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه 60 سال اهڙي طرح گُذاريا جو رات ۾ قيام ڪندا هئا ۽ ڏينهن ۾ روزو رکندا هئا۔([4])

 



[1]مصنف ابن ابی شیبہ،کتاب صلاۃ التطوع والامامۃ ،من کان یامر بقیام اللیل،۲/۱۷۳،رقم:۶

[2]عیون الحکایات حصہ اول، ص۵۱

[3]معدِنِ اَخلاق حصّہ اول ،ص ۱۸۲بتغیر قلیل

[4]152 رحمت بھری حکایات،ص۷۸بتغیر قلیل