Book Name:Allah walon kay Rozay

سَتُّو سان اِفطاري

حضرت سَيدُنا صالح رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سَيدُنا خُلَيد بن حسّان
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت ڪن ٿا: حضرت سَيدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سخت گرمين ۾ به نفل روزا رکندا هئا۔ هڪ ڏينهن اسان اِفطاري جي وقت کاڌو کڻي سندن بارگاھ ۾ حاضر ٿياسين۔ جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اسان جي کاڌي سان روزو اِفطار ڪرڻ چاهيو ته ڪنهن قرآنِ ڪريم جي هيءَ آيت تلاوت ڪئي:

اِنَّ  لَدَیۡنَاۤ  اَنۡکَالًا وَّ  جَحِیۡمًا ﴿ۙ۱۲﴾ وَّ طَعَامًا ذَا غُصَّۃٍ  وَّ عَذَابًا  اَلِیۡمًا ﴿٭۱۳﴾

(پ۲۹،المزمل: ۱۲-۱۳)

ترجَمو ڪنز الايمان: بيشڪ اسان وٽ وزني ٻيڙيون آهن ۽ ڄڀي ڏيندڙ باھ ۽ نڙي ۾ ڦاسي پوندڙ کاڌو ۽ درد ناڪ عذاب۔

اها آيت ٻڌندي ئي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو هٿ کاڌي  کان روڪيو ۽ هڪ گرھ به نه کاڌائون ۽ فرمايائون: اِهو کاڌو هتان کان کڻي وڃو، ٻئي ڏينهن ٻيهر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه روزو رکيو۔ اِفطار جي وقت جڏهن سندن جي اڳيان کاڌو رکيو ويو ته وري اها آيت ياد آئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ گرھ به نه کاڌو ۽ فرمايائون: اهو کاڌو مون کان پري کڻي وڃو۔ اهڙي طرح ٽئي ڏينهن به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بنا ڪجھ کائڻ پيئڻ جي روزو رکي ورتو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پٽ جڏهن سندن اها حالت ڏٺي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بنا کائڻ پيئڻ جي ٽي ڏينهن گذاريا آهن ته اهي گھڻا پريشان ٿيا ۽ زماني جي مشهور ولي حضرت سَيدُنا ثابت بُناني، حضرت سَيدُنا يحييٰ ۽ ٻين اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: حضور! اوهان جلد از جلد منهنجي والد جي مدد لاءِ پڃو، اُنهن مسلسل ٽي (3) ڏينهن صرف