Book Name:Allah walon kay Rozay

هڪ ڏينهن ڇڏي ڪر ي هڪ ڏينهن روزو

حضرت سيدُناعلّامه شيخ عِمادُالدِّين رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جيڪي وڏا عظيم فقيه ۽ مُفْتي هئا۔ نهايت عبادت گُذار ۽ پرهيزگار هئا، نفل روزن ۽ نفلن جي ڪثرت ڪندا هئا، هڪ ڏينهن ڇڏي هڪ ڏينهن روزو رکندا هئا۔ ([1])

روزن جي گھڻائي سان چيلھ جهڪي وئي

حضرت سَيدُناعيسيٰ بن زاذان اُبُلِّي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڪثرت سان روزا رکندا هئا جنهن جي ڪري سندن جي چيلھ جهڪي وئي ۽ آوازبند ٿي ويو۔([2])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اسان جي نيڪ بزرگن کي روزن جو ڪيتري قدر شوق هو جو چاليھ چاليھ (40 ،40) سال،سٺ سٺ (60،60) سال بلڪ ڪجھ ته هميشه روزا رکندا هئا ۽ اِخْلاص جو هي عالَم هو جو گھر وارن کي به نه ٻڌائيندا هئا ، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته رَمَضانُ المُبارَڪ جي فرض روزن جي ادائيگي سان گڏوگڏ رجَبُ الْمُرَجَّب، شَعْبانُ الْمُعَظَّم، شَش عيد، سومر ۽ جمعرات ۽ ايامِ بيض (يعني مدني مهيني جي13،14،15تاريخ) وغيره جي نفلي روزن جو به خُوب خُوب اهتمام ڪندا رهون جو نفل روزن جي به تمام گھڻي فضيلت آهي۔

اسان جي پياري آقا،مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جيڪو شخص هڪ ڏينهن نَفل روزو رکندو جيڪڏهن ان کي



[1]152 رحمت بھری حکایات،ص۲۶۰ملخصاً

[2]152 رحمت بھری حکایات، ص۲۷۲