Book Name:Allah walon kay Rozay

تي ڪهڙي خُوبصورت ۽ دلچسپ انداز ۾ انفرادي ڪوشش ڪندي ۽ اُنهن کي دُنياوي سفر جي مثال ڏيندي سفرِ آخرت جا ڪهڙا قيمتي مدني گُل عطا فرمايا، هن حديث شريف مان اها به خبر ملي ته جهڙي طرح دُنياوي سفر تي روانو ٿيڻ وقت انسان سفر ۾ ڪم ايندڙ ضروري سامان کي گڏ رکندو آهي اهڙي طرح آخرت جي سفر تي روانو ٿيڻ کان پهريان پهريان هن سفر ۾ ڪم اچڻ وارن نيڪ عملن جو ذخيرو به لازمي گڏ ڪرڻ گھرجي، سفرِ آخرت جي تياري جي سلسلي ۾ هن حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيل نصيحتون ايتري قدر تاثير واريون آهن جو حضرتِ ابُو ذَر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نبي ڪريم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ٻڌي انهيءِ انداز ۾ ٻين تائين اهي نصيحتون پهچايون جيئن

ڊگھي سَفَر لاءِ سامان

حضرت سَيدُنا سُفيان ثَوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرتِ سَيدُنا ابُو ذَر غِفَاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪعبي وٽ بيهي ڪري پُڪاريو: اي انسانو! مان جُندب غِفَاري آهيان، هيڏانهن اچو پنهنجي خير خواه شَفِيق ڀاءُ وٽ، جڏهن تمام ماڻهو سندن چوڌاري گڏ ٿيا ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهن کان پڇيو: اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان مان ڪو ڪنهن سَفر جو اِرادو ڪري ته ڇا اهو پاڻ سان سفر جو سامان نه کڻندو جيڪو ان کي ڪم ايندو ۽ منزِلِ مَقصُود تائين پهچائي ڇڏي؟ سڀني عَرض ڪيو: ها، ڇو نه، ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ (اُنهن کي دُنيا جي حرْص کان بچائڻ ۽ آخرت جي حرْص جي ترغيب ڏيارڻ جي لاءِ نصيحت ڪندي) اِرشاد فرمايائون: يقيناً سَفرِ آخرت ان سَفر کان گھڻو ڊگھو آهي جنهن جو توهان هتي ارادو ڪندا آهيو، ان ڪري (ان جي لاءِ) اهي شيون کڻو جيڪي اوهان کي فائدو پهچائن۔ ماڻهن پڇيو ته اهي ڪهڙيون