Book Name:Allah walon kay Rozay

ٽوڙيندا آهن حالانڪ رَمَضانُ المُبارَڪ جي ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جي شرعاً اجازت ئي ناهي جو جنهن سان بدن ۾ ڪمزوري پيدا ٿي وڃي ۽ روزو ٽوڙڻ جو ظَنِّ غالب ٿئي جيئن ته

صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرتِ علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: رمضان المبارڪ جي ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جائز ناهي جنهن سان اهڙو ضُعف (يعني ڪمزوري) اچي وڃي جو روزي ٽوڙڻ جو ظنِ غالب ٿئي تنهن ڪري نانوائيءَ کي گھرجي ته ٻنپهرن تائين مانيون پچائي پوءِ باقي ڏينهن ۾ آرام ڪري۔ اهو ئي حڪم مستري ۽ مزدور ۽ ٻين سخت محنت جو ڪم ڪرڻ وارن جو آهي۔ وڌيڪ ضعف (يعني ڪمزوري) جو انديشو هجي ته ڪم ۾ گھٽتائي ڪري ڇڏين ته جيئن روزو ادا ڪري سگهن۔ ([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اها ڳالھ به ذهن نشين رکو ته جيڪڏهن واقعي ڪنهن کي ڪو اهڙو مرض ٿي ويو آهي جو جنهن ۾ روزي رکڻ سان بيماري ۾ شِدَّت اچڻ جو ظَنِّ غالب آهي ته هن باري ۾ فقهاءِ ڪرام
رَحِمَهمُ اللّٰه ُ السَّلَام    قرآن و حديث جي روشني ۾ اهڙا رهنما اصول بيان فرمايا آهن، جن جي روشني ۾ روزو تَرْڪ ڪرڻ جي اجازت آهي تنهنڪري جيڪي ماڻهو بيماري جي جي ڪري پنهنجي اندر روزي جي طاقت نٿا رکن انهن کي گھرجي ته ڪنهن سُنّي صحيحُ العقيده عالمِ دين يا دارُالافتاء



[1]بہارِ شریعت،حصہ پنجم،۱/۹۹۸