Book Name:Allah walon kay Rozay

شيون آهن؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايائون: عظيم مَقصدن جي لاءِ حج ڪيو ، قيامت جي ڊگھي ڏينهن جي پيشِ نظر سخت گرمي ۾ روزو رکو، قبر جي وحشت کان بچڻ جي لاءِ رات جي اونداهي ۾ نفل پڙھو، (ان) وڏي ڏينهن ۾ بيهڻ جو خيال ڪندي چڱي ڳالھ چئو ۽ بُري ڳالھ کان پاسو ڪيو، قيامت جي دُشواري کان بچڻ جي اُمّيد تي پنهنجي مال مان صَدَقو اَدَا ڪيو ۔([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته پنهنجي آخرت جي بهتري جي لاءِ انهن نصيحتن تي عمل ڪندي قبر جي اونداهي کان حفاظت جي لاءِ رات ۾ ڪجھ نه ڪجھ نفلن جي ادائيگي جو معمول بڻايون، توفيق مطابق صَدَقو ۽ خَيرات ڪيون، هميشه زبان جو قُفلِ مدينه لڳائيندي بُرين ڳالهين کان زبان کي روڪي رکون ۽ ضرورت پوڻ تي صرف چڱيون ڳالهيون ئي زبان مان ڪڍون ۽ قيامت جي تپندڙ گرمي کان بچڻ جي لاءِ دُنيا جي گرمي ۾ روزا رکون، اسان جا بُزرگانِ دين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين      فڪرِ آخرت جي ڪري ايتري قدر ڪثرت سان روزا رکندا هئا جو بعض بزرگ ته مسلسل ڪيئي ڪيئي سال روزا رکي گذاري ڇڏيندا هئا جيئن ته

هميشه روزا رکندا هئا

حضرتِ سيدُنا عُثمانِ غني رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه  هميشه نفلي روزا رکندا هئا ۽



[1]صفۃ الصفوۃ،ابو ذر جُنْدُب بن جُنَادۃ،الجزء:۱، ۱/۳۰۱،رقم:۶۴