Book Name:Allah walon kay Rozay

اهلسنت کان پنهنجي حالت جي مُطابق هن باري ۾ رهنمائي ضرور حاصل ڪن ته شرعاً مون کي روزو قضا ڪرڻ جي اجازت آهي يا نه، صرف پنهنجي گُمان ۽ خيال جي مُطابق روزو هرگز هرگز ترڪ نه ڪيو۔

دارُالافتاء اهلسنت

ياد رهي ته دعوتِ اسلامي جي 103 کان وڌيڪ شعبن مان هڪ شعبو دارُالاِفْتا ء اَهلسُنَّت به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پاڪستان جي هنن شهرن بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ 4، زَم زَم نگر (حيدر آباد باب الاسلام سنڌ)، سردار آباد (فيصل آباد)، مرڪزُ الاولياء (لاهور)، راولپنڊي ۽ گلزارِ طيبه (سرگوڌا) ۾ دارُالافتاء اهلسنَّت، پياري آقا صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکويل اُمَّت جي شَرعي رَهنمائي ۾ مصروفِ عمل آهن۔ ان کان علاوه ’’دارُالافتاء اهلسنَّت‘‘ جا اسلامي ڀائر ٽيلي فون، واٽس اَيپ (Whatsapp) ۽ اِنْٽر نيٽ تي سڄي دُنيا جي مُسلمانن جي طرفان پڇا ڪيل مَسئلن جو حل ٻڌائيندا آهن۔ اِنْٽرنيٽ جي ذريعي سڄي دُنيا مان هن ميل ايڊريس (darulifta@dawateislami.net) تي سوال پڇي سگھجن ٿا ۽ پڻ دُنيا جي ڪنهن به حصي کان شرعي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنن نمبرز تي رابطو به ڪري سگھجي ٿو۔ نمبر نوٽ فرمائي وٺو۔

0300-0220112-------0300-0220113

0300-0220114--------0300-0220115

پاڪستاني وقت جي مُطَابِق صبح 10 بجي کان شام 4 بجي تائين هنن نمبرز تي رابطو ڪري سگھجي ٿو، جُمُعي جي ڏينهن موڪل هوندي آهي.