Book Name:Allah walon kay Rozay

نماز و روزہ وحَجّ و زکوٰۃ کی توفیق

عطا ہو اُمّتِ محبوب کو سَدا یارَبّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته روزو رکڻ جا ڪيترا عظيمُ الشّان فضائل قرآن ۽ حديث ۾ بيان ڪيا ويا آهن جو روزيدارن جي لاءِ نه صرف بخشش و مغفرت ۽ عظيم اجر و ثواب آهي، بلڪ خير تي خاتمي جي خُوشخبري آهي، تنهنڪري اسان کي به رِضاءِ الٰهي جي لاءِ روزي جهڙي عظيم عبادت جو ذوق و شوق پنهنجي دل ۾ پيدا ڪرڻ گھرجي، بلڪ هن مُعاملي ۾ الله وارن جي نقشِ قدم تي هلڻ گھرجي جو اهي حضرات روزي جي ڪري بُک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ ۾ سردي گرمي جي ڪا پرواھ نه ڪندا هئا بلڪ انتهائي سخت گرمي ۾ به روزو رکندا هئا اچو هن باري ۾ هڪ حڪايت ٻڌون ٿا، هن جي برڪت سان اسان ۾ به اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ روزو رکڻ جو جذبو وڌندو جيئن

قيامت جي سخت اُڃ مان ڇوٽڪارو

حضرتِ سيدُناابُو موسيٰ اَشْعَرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  فرمائن ٿا:هڪ ڀيري اسان سامونڊي رستي تان جهاد جي لاءِ وڃي رهيا هئاسين، اسان جي ٻيڙي سمنڊ جو سينو چيرندي منزل ڏانهن وڌي رهي هئي، ايتري ۾ هڪ غيبي آواز سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، ڪو چوڻ وارو چئي رهيو هو: اي ٻيڙي وارؤ! ترسو! مان اوهان کي هڪ اَهم ڳالھ ٻڌايان ٿو، اهو آواز ڇھ، ست(6،7) ڀيرا ٻڌڻ ۾ آيو ته مان ٻيڙي جي چبُوتري تي بيهي رهيس ۽ چيو: تون ڪير آهين ۽ ڪٿي آهين؟ ڇا تو کي خبر آهي ته اسان هن وقت ڪٿي آهيون؟ اسان سمنڊ جي وچ ۾ ڪهڙي طرح بيهي سگھون ٿا؟ اڃا مون