Book Name:Allah walon kay Rozay

ڪالو چاچا جي ايمان افروز وفات

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه 693 صفحن تي مشتمل ڪتاب ” فيضانِ رمضان “ جي صفحي 507 تي آهي: مدينة الاولياء احمد آباد شريف (گجرات، الهند) جا ڪالو چاچا (عمر تقريبًا 60 سال) رمضان المبارڪ (1425هه بمطابق 2004ع) جي آخري ڏهاڪي ۾ شاهي مسجد (شاههِ عالم، احمد آباد شريف) ۾ ٿيڻ واري تبليغ قرآن و سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ، دعوتِ اسلامي جي اجتماعي اعتڪاف ۾ معتڪف ٿي ويا۔ هونئن ته هي پهريان کان ئي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هئا پر عاشقانِ رسول سان گڏ اجتماعي اعتڪاف ۾ شموليت کين پهرئين ئي ڀيري نصيب ٿي هئي۔ کين اعتڪاف ۾گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقـعو مليو ۽ گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي 72 مدني انعامات مان پهرين صف ۾نماز پڙهڻ جي ترغيب واري ٻئي مدني انعام جو خوب جذبو مليو جيئن ته انهن پهرين صف ۾ نماز پڙهڻ جي عادت بڻائي ڇڏي۔ 2 شوال المڪرم يعني عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾عاشقانِ رسول سان گڏ سفر ڪيائون۔ مدني قافلي مان واپسيءَ جي پنجن ڇهن ڏينهن کان پوءِ يعني 11 شوال المڪرم (سن 1425هه، 2004ع) جو سندن ڪنهن ڪم سان بازار وڃڻ ٿيو۔ مصروفيّت به هئي پر کين دير جي صورت ۾ پهرين صف رهجــي وڃڻ جو خدشو هو۔ تنهن ڪري سڄو ڪم ڇڏي ڪري مسجـد جو رخ ڪيائون ۽ اذان کان پهريان ئي مسجد ۾ پهچي ويا، وضوڪري جيئن ئي بيٺا ته ڪِري پيا، ڪلمو شريف ۽ درود پاڪ پڙهندي ئي سندن روح جسماني پڃري مان پرواز ڪري ويو۔ اِنَّا لِلّٰہِ وَ اِنَّآ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡنَ