Book Name:Allah walon kay Rozay

الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي پورا روزا سٺين سٺين نيتن سان رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينصَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں  نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

هٿ ملائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي”101 مدني گل“مان هٿ ملائڻ جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا؛ پهريان ٻه فرمان مصطفي صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه فرمايو؛ ۞ جڏهن ٻه مسلمان ملاقات ڪندي مصافحو ڪندا (يعني هٿ ملائيندا) ۽ هڪٻئي کان خيريت معلوم ڪندا آهن ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي وچ ۾ سؤ رحمتون نازل فرمائيندو آهي، جنهن مان نوي رحمتون زياده گرم جوشي سان ملڻ واري ۽ سٺي نموني سان



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵