Book Name:Allah walon kay Rozay

مقبول   صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ صحت نشان آهي،” بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ بني اسرائيل جي هڪ نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ڏانهن وحي فرمائي ته توهان پنهنجي قوم کي خبر ڏيئي ڇڏيو ته جيڪو به ٻانهو منهنجي راضپي لاءِ هڪ ڏينهن جو روزو رکندو آهي ته مان ان جي جسم کي صحت به عطا فرمائيندو آهيان ۽ ان کي عظيم اجر به ڏيندس۔ ([1])

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تصنيف ”فيضانِ رمضان“ جي صفحي نمبر 105 تي لکن ٿا ته الملفوظ حصي ٻئي ص 143 تي آهي، منهنجا آقا اعلى حضرت عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن ارشاد فرمائن ٿا: ”هڪ سال رمضان المبارڪ کان ٿورو عرصو پهريان منهنجا والد مرحوم حضرت رئيس المُتَڪَلّمِين سيّدُنا و مولانا نقي علي خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: پٽ! ايندڙ رمضان المبارڪ ۾ توهان سخت بيمار ٿي پوندؤ، پر خيال رکجو ڪو روزو قضا نه ٿيڻ گهرجي۔ واقعي پنهنجي والد صاحب جي ارشاد موجب رمضان المبارڪ ۾ آءُ ســخت بيمار ٿي پيس۔ پر ڪو روزو نه ڇڏيم۔ اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ! روزن جي ئي برڪت سان الله عَزَّوَجَلَّ مون کي صحت عطا فرمائي ۽ صحت ڇو نه ملي ها جو سيّد المحبوبين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو ارشادِ پاڪ به ته آهي: ” صُوْ مُوْا تَصِحُّوا يعني روزو رکو صحتياب ٿي ويندؤ۔ ([2])

 



[1]شعب الایمان،باب فی الصیام،اخباروحکایات فی الصیام،۳/۴۱۱،حدیث:۳۹۲۳

[2]معجم اوسط،من اسمہ موسی،۶/۱۴۷،حدیث:۸۳۱۲